رسول آباد: مغوي لياقت علي جي بازيابي لاءِ وارثن پاران آءِ جي سنڌ ۽ ٻين وس وارن کي مدد جي اپيل

Spread the love

رسول آباد( رپورٽ: حب علي جهانگر) رسول آباد لڳ ڪوٽڙي ڪبير واسي نوجوان کي نامعلوم هٿياربندن پارن اغوا هنڱورجا مان ڪالھ شام تي ڪار سوار نامعلوم هٿياربند  ڪوٽڙي محمد ڪبير ڀرسان ڳوٺ ميوو خان لاشاري واسي 28 سالا شادي شده لياقت علي پٽ پھلوان لاشاري کي ھنڱورجا اسٽاپ ڀرسان اسلحي جي زور تي اغوا ڪري کڻي ويا، اڄ صبح لياقت علي جي فون نمبر تان ڌاڙيلن فون ڪري وارثن کي اطلاع ڏنو ته لياقت علي اسان جي قيد خاني ۾ آھي،

ڪاڏي به ڀڄو ڊڪو نه ۔  50 لک رپيا ڀنگ طور اڄ سومر جي شام تائين پھچائي ڏيو  نه ته ٻي صورت ۾ توھان کي لياقت جو لاش ملندو، اھڙي اطلاع کان پوء لياقت لاشاري جي اغوا جي تصديق ٿيڻ بعد گھر ۾ ڪھرام مچي ويو،

 ٻئي طرف وارثن ھنڱورجا ٿاڻي تي نامعلوم ڌاڙيلن خلاف اغوا جي اين سي داخل ڪرائي ڇڏي آھي واضع رھي ته مغوي اٺ گاڏي تي ڏهاڙي تي مزدوري ڪري گھر جو گذر سفر ڪندو ھو جڏهن ته وارثن آء جي سنڌ ۽ ٻين وس وارن کي مدد جي اپيل ڪئي.

مارچ 26, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو