فوت ٿيل اهلڪارن جي ٻارن کي روزگار فراهم ڪرڻ  اعزاز جي ڳالهه آهي: اعجاز احمد شيخ

Spread the love

سانگهڙ(رپورٽ:شاهنواز رونجهو) سانگهڙ ۾ فوت ٿيل پوليس اهلڪارن جي 20 ٻارن کي پوليس کاتي ۾ نوڪرين جا آرڊر ڏنا ويا،

 فوت ٿيل اهلڪارن کاتي لاءِ ڪيتريون ئي خدمتون سرانجام ڏنيون. فوت ٿيل اهلڪارن جي ٻارن کي روزگار فراهم ڪرڻ  اعزاز جي ڳالهه آهي.ايس ايس پي اعجاز احمد شيخ

سانگهڙ: تفصيل موجب ضلعي پوليس سانگهڙ جي فوت ٿيل ملازمن جي ٻارن کي مڪمل قانوني ۽ کاتي جي ڪاروائي مڪمل ڪرڻ بعد فوتي ڪوٽا تحت ڪانسٽيبل طور ڀرتي ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا ويا ايس ايس پي سانگهڙ اعجاز احمد شيخ پنهنجي آفيس ۾ فوت ٿيل اهلڪارن جي ٻارن ۾ نوڪرين جا آڊر ورهايا.

 ان موقعي تي ڳالهائيندي هن چيو ته فوت ٿيل اهلڪار پوليس کاتي ۾ سالن تائين عوام جي جان و مال جي تحفظ لاءِ خدمتون سرانجام ڏنيون. اهلڪارن جي فوت ٿيڻ کانپوءِ آءِ جي سنڌ سندن خاندان جي ڀلائي لاءِ ڪيترائي قدم کنيا آهن.

ان سلسلي ۾ سانگهڙ ضلعي جي 20 فوت ٿيل اهلڪارن جي ٻارن کي مڪمل شفاف قانوني ۽ ڊپارٽمينٽل عمل جي مڪمل ٿيڻ کانپوءِ سنڌ پوليس ۾ ڀرتي ڪيو ويو آهي.

 هنن ٻارن ۾ آرڊر ورهائڻ هڪ اعزاز جي ڳالهه آهي، هن ڀرتي ٿيندڙ نوجوان  کي هدايت ڪئي ته اهي پنهنجا فرض پوري ايمانداري، فرض شناسيءَ ۽ محنت سان سرانجام ڏين. ان موقعي تي ڊي ايس پي پراسيڪيوشن ذڪريا ڪوريجو ۽ شيٽ ڪلارڪ ملڪ قمر پڻ موجود هئا.

مارچ 25, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو