بالي ووڊ اداڪارا تاپسي پَنو به شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي وئي
ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ جي ور اسٽائيل اداڪارا تاپسي پَنو پنهنجي بواءِ فرينڊ ۽ بيڊمنٽن پليئر ميٿياس بو سان خاموشي ۽ سادگيءَ سان شادي ڪري ڇڏي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، تاپسي جي شادي 23هين مارچ تي ڀارتي رياست راجسٿان جي شهر اُديپور ۾ ٿي،شادي جي تقريب ۾ اداڪارا جي ويجهن مائٽن شرڪت ڪئي، جڏهن ته شوبز انڊسٽري سان واسطو رکندڙ تمام گهٽ ماڻهن کي شادي جي دعوت ملي.
رپورٽن موجب، تاپسي جلد دوستن ۽ فلم انڊسٽري جي ساٿين لاءِ ممبئيءَ ۾ هڪ پارٽي ڏيندي، ان حوالي سان تمام جلد تاريخ جو اعلان ڪيو ويندو.
ياد رهي ته ڀارتي ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا تي ڊگهي عرصي کان اداڪارا جي شادي جون خبرون گردش ڪري رهيون هيون، تاپسي ۽ ميٿياس 10 ورهين تائين هڪ رشتي ۾ رهڻ بعد نيٺ شادي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو .
