سکر: 60 کان وڌيڪ زراعت ۾ ڪم ڪندڙ عورتن کي تربيت ڏني وئي

Spread the love

سکر(رپورٽ: امداد علي گل ڪلوڙ) سکر ۾ ناري فائونڊيشن ۽ آوازفائونڊيشن پاڪستان ھاري عورتن جي وومين ايگريڪلچر ورڪر ڪائونسل(WAWC) جي ميمبرن جي صلاحيت وڌائڻ ۽ بنيادي حقن بابت پنوعاقل جي 2 ٻن ڳوٺن جي 60 کان وڌيڪ زراعت ۾ ڪم ڪندڙ عورتن کي تربيت ڏني وئي.

 تربيتڪارن جو چوڻ آھي تہ ٻنين ۾ ڪم ڪندڙ عورتن کي حق ڏنا وڃن ۽ قانون 2019ع جا ضابطا جوڙي ان تي عمل کي يقيني بڻايو وڃي.

ناري فائونڊيشن، آواز فائونڊيشن پاڪستان جي سھڪار سان زراعت جي شعبي ۾ ڪم ڪندڙ عورتن جي انساني حقن,صحت جي سنڀال, رپورٽنگ, سماجي مسئلن جي ڄاڻ ۽ صلاحيتن بابت ڄاڻ وڌائڻ جي سري ھيٺ  پنو عاقل جي ڳوٺ چندن مياڻي ۽ ريڊھي چاچڙ ۾ ٻن ڏينھن وارو تربيتي پروگرام منعقد ڪيو.

 تربيتي پروگرام ۾ سکر جي تعلقي پنو عاقل جي 2 ڳوٺن جي وومين ايگريڪلچر ورڪر ڪاونسل ميمبرس جي 60 کان وڌيڪ ھارياڻين کي تربيت ڏني وئي. زراعت تربيتي پروگرام ۾ ڳالھائيندي ناري فائونڊيشن جي چيئر پرسن افشان اصغر ۽ ايگزيڪٽو ڊائريڪٽر انور علي مھر ۽ ٽرينر شازيا عباسي چيو تہ ھن ٻن ڏينھن واري تربيتي ورڪشاپ ۾ عورت ھارياڻين کي, انساني حقن, صنفي برابري ۽ معلومات جي ذريعن متعلق معلومات ڏني وئي. عورتن جي ٽريننگ ۾ خطاب ڪندي انور مھر ,شازيا عباسي  آمنا ٻڌايو ته ھن پراجيڪٽ تحت ناري فائونڊويشن پاران ٺھرايل وومين ايگريڪلچر ورڪر ڪائونسل جي 100 عورت ميمبرن کي تربيت ڏيئي انھن جي صلاحيت کي وڌائڻ جون ڪوششون ڪيون وينديون

 ته جيئن زاعت جي ڪم ڪرڻ سان گڏوگڏ انھن ۾ بنيادي انساني حقن جي ڄاڻ پڻ ھجي ـ ٽريننگ جي آخري ڏينهن تي انھن کي ٽريننگ سرٽيفڪيٽ پڻ ڏنا ويا ـ

مارچ 25, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو