لاهور ۾ 3 ڏينهن ۾ عورتن سان لڄالٽ ۽ تشدد جا 28 واقعا رپورٽ

Spread the love

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور ۾ ٽن ڏينهن ۾ عورتن سان زيادتي ۽ تشدد جا 28 واقعا رپورٽ ٿيا آهن.پوليس رڪارڊ موجب لاهور جي علائقي نواب ٽائون ۾ يونيورسٽي جي شاگردياڻي کي ڪلاس فيلو زيادتي جو نشانو بڻايو، هنجروال ۾ نوڪري جو ڏٽو ڏئي عورت سان زيادتي ڪئي وئي، مناوان ۾ ڇوڪريءَ کي ورغلائي لڄالٽ ڪئي وئي.پوليس ٻڌايو ته هربنس پورا ۾ ڏاج جي گهر پوري نه ڪرڻ تي ساهرن نُنهن تي تشدد ڪيو، سانده ۾ گهرواري تي مڙس ۽ ساهرن تشدد ڪيو، سبزه زار ۾ ننهن کي ساهرن تشدد جو نشانو بڻايو، گرين ٽائون ۾ مڙس ۽ سهري عورت جو مٿو ڪوڙي ڇڏيو.پوليس جو چوڻ آهي ته سڀني واقعن جا ڪيس داخل آهن، جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو.

مارچ 24, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو