رمضان کانپوءِ پريا ڪماري جي آزادي لاءِ تحريڪ ھلائي ويندي: ڄام فتاح سميجو

Spread the love

ڪراچي (رپورٽ : ثناء ﷲ هڪڙو ) پريا ڪماري جي اغوا کي 3 سال گذري ويا آھن مگر نااھل پوليس ھن وقت تائين معصوم نينگري پريا ڪماري کي بازياب ناھي ڪرائي ھر روز ماڻھو قتل ۽ اغوا ٿين پيا

 پر پوليس اڃان تائين سردارن وڏيرن جي ڪمداري ڪرڻ ۾ پوري آھي ھٿ واڳ ڌڻي نٿا چاھين تـ سنڌ اندر امن و امان جي صورتحال بھتر ھجي ايس ٽي پي جي قائم مقام چيرمين ڄام فتاح سميجو جي ڪراچي ايسٽ پريس ڪلب تي پريس ڪانفرنس

خبرموجب سنڌ ترقي پسند پارٽي جي قائم مقام چيرمين ڄام فتاح سميجو ڪراچي ايسٽ پريس ڪلب تي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو تـ سنگرار مان 3 سال اڳ اغوا ڪيل معصوم پريا ڪماري کي پوليس ھن وقت تائين بازياب نـ ڪرائي سگھي آھي جيڪا پوليس ۽ واڳ ڌڻين لاء شرم جو مقام آھي تـ اھي مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪا آھن

ڄام فتاح سميجو وڌيڪ ڳالھائيندي چيو تـ سنڌ اندر ھر روز ماڻھو اغوا ۽ قتل ٿين پيا پر پوليس رڳو سردارن ۽ ڀوتارن جي ڪمداري ڪرڻ ۾ پوري آھي ھن وڌيڪ چيو تـ واڳ ڌڻي نٿا چاھين تـ سنڌ اندر و امان جي صورتحال بھتر ھجي ھٿ سان وٺي ڪري حالتون خراب ڪيون ويون آھن

جيئن عوام سک جو ڪو ساھ کڻي نـ سگھي ۽ بدامني جي باھ ۾ عوام ڌڪيل ھجي ھن چيو تـ پريا ڪماري کي جلد بازياب ڪرايو وڃي ٻئي صورت ۾ رمضان شريف کانپوء پريا ڪماري جي آزاديء لاء احتجاجي تحريڪ ھلائي ويندي.

مارچ 24, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو