ٺٽو: معرز شخصيت جي قبر جي بيحرمتي خلاف ھڪ احتجاجي مظاھرو

Spread the love

ٺٽو(نظير احمد قريشي) پ پ پ شھيد ڀٽو ضلعي ٺٽي طرفان سکر جي اغوا ٿي ويل معصوم نياڻي پريا ڪماري جي بازيابي،

سنڌ ۾ امن امان قائم ڪري مڪلي جي قبرستان ۾ سومرا برادري جي معرز شخصيت غلام قادر سومرو جي قبر جي بيحرمتي ڪرڻ واري عمل خلاف ھڪ احتجاجي مظاھرو ٺٽي ۾ پ پ پ شھيد ڀٽو ضلعي ٺٽي جي اڳواڻن بابو احسان ڀٽو، فيروز سومرو، رمضان بروھي، رفيق سومرو، گلاب خان لنڊ، خالد ڪيھر جي اڳواڻي ۾ ڪندي چيو تہ سنڌ ۾ لاقانونيت جو راڄ آھي،

معصوم ٻارڙن جو اغوا ٿيڻ توڙي قبرستانن جي بيحرمتي ڪرڻ وارن خلاف ڪير بہ قدم کڻڻ لاء تيار ناھي تہ ٻئي طرف 22 مھينا اڳ اغوا ٿي ويل معصوم پريا ڪماري جو ڪو ڏس پتو ناھي پئجي سگھيو، جنھن جا وارث سخت پريشان آھن، ھنن چيو تہ سڄي سنڌ سراپا احتجاج ھجڻ باوجود پوليس ۽ حڪومت خاموش بڻيل آھي،

اغوا ٿي ويل معصوم پريا ڪماري جي امڙ جون صدائون ڪير ٻڌڻ لاء تيار ناھي. ھنن گھر ڪئي تہ فورن پريا ڪماري کي بازياب ڪرائي مڪلي قبرستان ۾ قبرن جي ٿيندڙ بي حرمتي جو نوٽيس وٺي سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال بھتر ڪئي وڃي.

مارچ 24, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو