سيوھڻ ۽ ڀرپاسي ارڙيءَ جي مرض ۾ اضافو، ايس اي ايس آءِ پاران سھولتن ڏيڻ جو ھلندڙ
سيوھڻ (رپورٽ: محمد صفر سيوھاڻي) سڄي سنڌ جيان سيوھڻ ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ ارڙيءَ جي مرض ۾ اضافو سيد عبدالله شاهه انسٽيٽيوٽ اسپتال سيوھڻ طرفان سھولتن ڏيڻ جو سلسلو جاري،
سيوھڻ جي سيد عبدالله شاهه انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز ۾ ارڙيءَ جي بيماري سبب ننڍن ٻارن جو تعداد 28 ٿي ويو آھي، ڊاڪٽر معين الدين صديقي ڊائريڪٽر سيد عبدالله شاھ انسيٽيٽيوٽ اسپتال سيوھڻ جو چوڻ آھي ته ھن
مارچ مھيني ۾ 28 ٻارڙا ارڙي جي بيماري سبب اسپتال ۾ داخل ٿيا، جن مان ٽي ٻارڙا فوت ٿي ويا آھن، جن مان سيوھڻ تعلقي جا 16ٻارڙا ۽ ٻين مختلف علائقن جا 12 ٻارڙا اسپتال اندر سرڪاري ريڪارڊ موجب داخل آھن،
ڊائريڪٽر جو وڌيڪ چوڻ ھئو تہ ارڙي جي بيماري پراڻي بيماري آھي، ان جا ٻارڙن کي ٽڪا لڳندا آھن، پر ماڻھون پنھنجن ٻارڙن کي ارڙي جا ٽڪا نٿا ھڻائين، ان جي ڪري ارڙي جي بيماري جامريض وڌي رھيا آھن،
مان عوام کي چوندس ته پنھنجي ٻارڙن کي ارڙي جا ٽڪا لڳرايو ، ٻار کي بخار ۽ زڪام يا وري جسم تي داڻا وغيره ٿين ته جلد کان جلد ان ٻار کي اسپتال کڻي اچي ڊاڪٽرن کي ڏيکاريو ته جيئن ٻارڙن جو صحيح وقت تي اعلاج ٿي سگھي، ۽ ان ارڙي بيماري مان نجات ملي سگھي.
مارچ 24, 2024