ٺٽي ۾ منشيات فروشن خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪيو ويو آھي: محمد جُمن ميمڻ
ٺٽو(نظير احمد قريشي) ايڪسائيز ٽيڪسيشن ۽ نارڪوٽڪس آفيسر محمد جمن ميمڻ جي خاص هدايتن تي سرڪل انچارج انسپيڪٽر سيد مظهر علي شاهه پنهنجي ٽيم سان گڏ ڳجهي اطلاع تي ٺٽي شھر جي آگر محلي ۾ صالح گندرو ڀرسان ڇاپو ھڻي 50 ليٽر ڪچو شراب هٿ ڪري غلام مصطفيٰ عرف شبو ولد محمد سومار گندرو کي گرفتار ڪري نارڪوٽڪس ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري ڇڏيو.
اي ٽي او محمد جُمن ميمڻ چيو آھي تہ صوبائي وزير ايڪسائيز ۽ ٽيڪسيشن شرجيل انعام ميمڻ جي ھدايتن تحت پوري سنڌ جيان ضلعي ٺٽي ۾ بہ منشيات خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪري ڇڏيو آھي.
مارچ 22, 2024