شمائلا ماڊل اسڪول ۾ ٻار بھتر تعليم پرائي رهيا آهن: جاني جوڻيجو ۽ ٻيا

Spread the love

چوٽياريون (رپورٽ: علي گل منڱريو) چوٽياريون ويجھو ڳوٺ جاني جوڻيجو ۾ شمائلا ماڊل اسڪول جيڪو ھن ٽائيم تي تمام بھترين ھلي رھيو آھي ان ۾ ڳوٺ جاني جوڻيجو  ڳوٺ نواب شاھ ڳوٺ سانگھراڙو ڳوٺ سيد لعل خان شاھ جا ڪيترائي ٻار تعليم پرائي رھيا آھن

تفصيل موجب ته پنيھل ڳوٺ جاني جوڻيجو ۾ شمائلا ماڊل اسڪول جيڪو ڪيترن ئي سالن  کان ھلندڙ آهي جيڪو  اڇڙو ٿر سان تعلق رکندڙ ڳوٺ جاني جوڻيجو ڳوٺ سيد لعل خان شاھ ڳوٺ سيد نواب شاھ ڳوٺ سانگھراڙو جا ٻار تعليم پرائي رھيا آھن

 انهيء بابت اتان جي ڳوٺاڻن جنهن ۾ جاني جوڻيجو، مشتاق علي سولنگي ۽ سيد علي حيدر شاھ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسان کي خوشي آهي جو اسان جي پوئتي پيل علائقن ۾ ھن شمائلا ماڊل اسڪول جي محنت سان اسان جا ٻار تعليم پرائي رهيا آهن ۽ انهن وڌيڪ ٻڌايو ته اسان جا ٻار ڪيترن ئي سالن کان ھتي پڙهي رهيا آهن  پر اسان کان ڪڏهن به فيس وغيره ڪجھ به نه ورتي ويندي آهي ۽ اسان  کي خوشي آھي ته ھن اسڪول جي آپريٽر ميڊم شمائلا ۽ اسڪول جي ھيڊ ماستر بادل سليمان جوڻيجو جي محنتن کي سلام پيش ڪيون ٿا

 ۽ جس هجي انهن کي جيڪي ڪيترن ئي مشڪلاتن کي منهن ڏئي اسان جي ٻچن کي تعليم ڏيارڻ لاءِ ڪوشش ڪري رهيا آهن ۽ اسان دعاگو آهيون

 ته رب پاڪ انهن کي خوش رکي جيڪي رات ڏينھن ھڪ ڪري اسان جي ٻچن کي تعليم ڏياري رھيا آھن انھي موقعي تي آپريٽر شمائلا ۽ ھيڊ ماستر بادل سليمان جوڻيجو طرفان  پنهنجي اسڪول جي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي عيد لاءِ ڪپڙا پڻ گفٽ ڏنا ويا شاگردن ۾ خوشي جي لھر ڏسڻ وٽان هئي.

مارچ 22, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو