سڪرنڊ جي سيال پاڙي ۾ بجليَ جي ٽرانسفارمر کي اوچتو باھ لڳي وئي، جاني نقصان نه ٿيو
سڪرنڊ(رپورٽ: راج ڪماراوڏ) سڪرنڊ جي سيال پاڙي ۾ بجليَ جي ٽرانسفارمر کي اوچتو باھ لڳي وئي. باھ جا شعلا ايترا ته تيز هئا جو ويجهو وارن گهرن ۾ موجود ماڻھو ٻاهر نڪري آيا.
ڪو به جاني نقصان نه ٿيو باقي ٿنڀي ۾ لڳل ميٽر سڙي رک ٿي ويا ۽ محلي جي ڪجھ گهرن جي پکن، موٽرن ۽ فرجن کي پڻ نقصان پهتو آهي. محلي جي رهواسين عطا محمد سيال، الھ بچايو ڀٽي، ڪامران رند، فتح محمد سيال ۽ ٻين چيو ته شايد ڪنهن خرابيءَ سبب ٽرانسفارمر کي باھ لڳي وئي پر شڪر ٿا ڪريون ته ڪنهن به نقصان کان بچاءُ ٿي ويو.
هنن اهو به چيو ته رمضان مبارڪ جو مهينو آهي بجلي نه هئڻ سبب سحري ۽ افطاريءَ وقت مشڪلات کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. ان لاءِ حيسڪو سڪرنڊ کي اپيل ٿا ڪريون ته سڙي ويل ٽرانسفارمر جي ترت مرمت ڪرائي بجلي مهيا ڪئي وڃي ته جيئن هن مقدس مهيني ۾ پريشانيءَ کان بچي سگهجي.
مارچ 22, 2024