سکر: پوليس پاران ڪامياب ڪارروائي، هڪ منشيات فروش گرفتار
سکر(رپورٽ: امداد علي گل ڪلوڙ)سکر پوليس جي ترجمان محمد بخش بلوچ پاران جاري ڪيل بيان موجب ايس ايس پي سکر عابد علي بلوچ جي هدايت تي سماجي براين ۾ ملوث جوابدارن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري آهي،
سکر پوليس پاران مختلف علائقن ۾ ڪارروايون ڪيون آهن جنهن ۾ ايس ايڇ او ٿاڻي قادرپور جي حد ۾ ڪامياب ڪارروائي دوران هڪ منشيات فروش جوابدار حبيب الله کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان 51 ڪلو ڀنگ هٿ ڪري ورتي آھي
جڏهن ته ايس ايڇ او ٿاڻو ائرپورٽ ڳجهي اطلاع تي پهچي هڪ منشيات فروش جوابدار احمد علي کي گرفتار ڪري ورتو. سندس قبضي مان 3 هزار گرام چرس هٿ ڪري جاچ جاري آھي۔ايس ايس پي سکر پوليس ٽيم لاء شباسي جو پيغام ڏيندي وڌيڪ ڪاروائيون تيز ڪرڻ جو حڪم ڏنو آھي.
مارچ 22, 2024