سانگهڙ لڳ چئن پورھيتن جي ڪکائن گھرن کي باھ ، الھ تلھ سڙي رک
سانگهڙ(رپورٽ:شاهنواز رونجهو) سانگهڙ ويجهو چئن پورھيتن جي ڪکائي گھرن کي اوچتو باھ الھ تلھ سڙي رک، ورڪشاپ ڀر سان ڳوٺ ڪمالدين شر ۾ ڀيل برادري جي چئن پورھيتن، ھبو ڀيل، طوطو ڀيل، گلاب ڀيل، ۽ رامچند ڀيل جي چئن ڪکائي گھرن کي مبينه طور اوچتو باھ وڪوڙي وئي،
گھرن ۾ پيل چئن نياڻين جو رکيل ڏاج، کٽون بسترا، صندوقون ڪپڙا ۽ ٻيو روز مره جي کاڌي پيتي جي سامان سميت سمورو الھ تلھ سڙي خاڪ بڻجي ويو، باھ متاثرن، ھبو ڀيل ۽ طوطو ڀيل ٻڌايو ته اوچتو باھ لڳڻ سبب گھرن ۾ جيڪو پيل هو سڀ سڙي رک ٿي ويو آهي، اسان مزدوري ڪري ٻچن جو پيٽ پاليندا ھئاسين، هاڻ جسم تي اوڍڻ ۽ کائڻ پيئڻ لاءِ ڪا شيءِ ناهي بچي هن وقت اسان پنهنجن ٻچن سميت کلي آسمان هيٺ ويٺل آھيون، ھنن ڊپٽي ڪمشنر سانگھڙ، چونڊيل نمائندن ۽ اعلي وسوارن کي مدد جي اپيل ڪئي آهي.
مارچ 22, 2024