حڪمران امن قائم ڪرڻ ۾ سنجيده ناھن، عوام ڌاڙيلن جي رحم ڪرم تي آھي: نياز ڪالاڻي
هنڱورجا (رپورٽر) جسقم جي مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي رواداري تحريڪ جي پنھل ساريو چيو آھي تہ حڪمران سنڌ امن قائم ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي چڪا آھن
سنڌ اتر وارن ضلعن ۾ ڌاڙيلن جو راڄ قائم ھجڻ ڪري شام 5 بجہ کان پوء روڊ رستا ويران ٿي وڃن ٿا ۽ ڌاڙيل سرعام ماڻھن کي اغوا ڪري انھن مٿان انتھائي وحشياڻو تشدد ڪري سوشل ميڊيا تي وڊيوز وئرل ڪن ٿا جيڪا پوليس انتظاميه لاء شرم جوڳي ڳالهه آھي سنڌ ڌاڙيل سنڌ يرغمال ڪري ويٺل آھن
پر حڪمران ڌاڙيلن جي خاتمي ۽ امن جي بحالي بدران پنھنجا کاٽائو پوليس آفيسر مقرر ڪرائڻ ۾ پورا آھن حڪمران امن قائم ڪرڻ ۾ سنجيده ناھن ان ڪري سنڌ جو عوام ڌاڙيلن جي رحم ڪرم تي آھي
ھنڱورجا ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هنن وڌيڪ چيو ته اسان جي ڪارڪنن کي موبائل ٽريس ڪري ڪري انھن کي ته پوليس ۽ ٻيا ادارا کنڀي کڻي وڃن ٿا پر ڌاڙيلن سڄو ڏينھن ھٿيارن جي نمائش ڪري سوشل ميڊيا تي وڊيو رکن ٿا
پوليس انھن جا موبائيل فون ٽريس ڇو نه تي ڪري ھنن چيو موجوده پ پ پ سرڪار مسواڙ تي قائم ٿي آھي جيڪا سنڌ جي وسيلن تي سوديبازي ڪري اقتدار م آئي آھي ۽ اچڻ سان ئي انتقامي ڪاروايون شروع ڪري ڇڏيون آھن نوشھروفيروز م پ پ پ جي سياسي مخالفن کي ڪچلڻ لاء انھن مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪيس ويا آھن
جي ڏي اي جي لام مرتضي جتوئي ۽ آصف رھوجو خلاف ڪيس داخل ڪيا آھن جنھن جي جيتري مذمت ڪجي اھا گھٽ آھي. آصف راهوجو کي فوري طور تي آزاد ڪيو وڃي ۽ شفاف انڪوائري ڪرائي وڃي .
ھنن وڌيڪ چيو ته 21 مارچ اڄوڪي ڏينھن ته 10سال اڳ اسان جي اڳواڻن شھيد مقصود خان ۽ سليمان وڌو کي اغوا ڪري انھن کي گوليون ھڻي شھيد ڪيو ويو
اسان پنھنجي شھيدن کي سلام پيش ڪريون ٿا .ھنن چيوته سنڌي ماڻھن جو مسئلن کان ڌيان ھٽائڻ لاء امن امان جي صورتحال انتھائي خراب ڪئي وئي آھي
حڪمران ڄاڻي واڻي امن بحال ڪرائيڻ ۾ غير سنجيده آھن ھنن چيو ته اسان جلد بدامني جي خلاف احتجاجي مظاھرا ڪنداسون پريس ڪانفرنس ۾ جسقم اڳواڻ محسن ڀيلار .مجيب ڀيلار ۽ ٻيا گڏ ھيا.
مارچ 22, 2024