ڪراچي: خميسا ڳوٺ ۾ منشيات ۽ گٽڪي وڪري ۾ بھ پوليس جا ئي ڇاڙتا ملوث
ڪراچي (رپورٽ: ثناء ﷲ هڪڙو) نئين ڪراچي خميسا ڳوٺ ۾ منشيات ۽ گٽڪو وڪرو ڪرڻ ۾ پوليس جا ئي مخبر ملوث
مختلف سياسي سماجي اڳواڻن ايس ايس پي سينٽرل کان مطالبو ڪندي چيو ته ملوث اهلڪارن ۽ مخبرن خلاف ايڪشن ورتو وڃي
نئين ڪراچي انڊسٽريل ايريا ٿاڻي جي حد خميسا ڳوٺ ۾ منشيات جوا ۽ گٽڪي جي عام وڪري خلاف نئين ڪراچي يوسي ڇھ جي وائيس چيئرمين افضل بروهي جنرل ڪائونسلر محمد شاڪر بروهي رند قومي اتحاد جي اڳواڻ صابر رند
اي اين پي اڳواڻ شاهد جدون ڪڇي ڪميٽي جي اڳواڻ الله ورايو آفتاب بروهي فدا رند سردار ملاڻو ۽ ٻين وڏي انگ ۾ انڊس پريس ڪلب ڪراچي ۾ پريس ڪلب جي صدر اصغر بروهي جنرل سيڪريٽري امتياز بڙدي اسد بروهي ۽ ٻين سان گڏجاڻي ڪئي
اڳواڻ چيو ته خميسا ڳوٺ ۾ پوليس جي سرپرستي ۾ پوليس جا مخبر ئي ڏوهن ۾ ملوث آھن علائقي ۾ هلندڙ منشيات گٽڪو ڦريون ۽ ٻيا ڏوھ مخبر ئي ڪرائي رهيا آھن
يوسي ڇھ جي وائيس چيئرمين افضل بروهي چيو ته اسين اهڙي ڪڌي عمل جي سخت مذمت ڪريون ٿا ملوث اهڪارن ۽ مخبرن خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي
رند قومي اتحاد جي اڳواڻ صابر رند چيو ته علائقي جي بيگناھ ماڻھن کي مخبر کڻائي رهيا آھن اي اين پي جي شاهد جدون ۽ ڪڇي ڪميٽي جي اڳواڻ الله ورايو چيو ته علائقي ۾ پوليس صرف شريف ماڻھن تنگ ٿي ڪري ۽ ڏوهارين کي سپورٽ پئي ڪري
انڊس پريس ڪلب ڪراچي جي صدر ڳالهائيندي چيو ته علائقي جا مخبر فرمائشي پروگرام تحت ماڻھن کي ٻڌرائي انهن کان لکين روپيا ورتا ٿا وڃن پيسا نه ڏيندڙن کي ڪوڙن ڪيسن ۾ پوليس هٿان جيل موڪليو ٿو وڃي ۽ علائقي ۾ هلندڙ هر قسم جي ڪرائم پٺيان علائقي جي ڪجه بااثر ماڻھن ۽ پوليس جي ڪريپٽ افسرن جو مخبرن مٿان هٿ آھي
جنهن خلاف گڏيل فيصلو ڪيو ويو آھي ته ملوث مخبرن ۽ اهلڪارن خلاف ايس ايس پي سينٽرل ڊي آئي جي ۽ آئي جي سنڌ کي انهن جا نالا موڪليا ويندا ۽ قانوني ڪاروائي جي اپيل ڪنداسين.
مارچ 21, 2024