ايس ايس پي شهيد بينظيرآباد پاران ڏوهارين ۽ سندن سهولتڪارن خلاف آپريشن جو فيصلو

Spread the love

سڪرنڊ ( رپورٽ: راج ڪماراوڏ ) عيد ويجهي ايندي ئي سڪرنڊ سميت ضلع شهيد بينظيرآباد ۾ ڏوهاري سرگرميون وڌڻ لڳيون جنهن بعد ايس ايس پي شهيد بينظيرآباد تنوير حسين ڏوهن ۾ ملوث ڏوهارين ۽ سندن سهولتڪارن خلاف سخت آپريشن ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو

جنهن جون سمورن ٿاڻن جي ڊي ايس پيز ۽ ايس ايڇ اوز کي هدايتون جاري ڪري ڇڏيون عوام کي سک جو ساھ کڻڻ ۽ عيد جون خوشيون آزادي سان ملهائڻ لاءِ ڏوهارين خلاف شروع ڪيل آپريشن جي آغاز ۾ گذريل رات ايس ايڇ او سڪرنڊ حبيب الله مري سنيڪ چيڪنگ ۽ گشت تي هو ته سندس مقابلو بدنام ڌاڙيل ڪامران ولد غلاد حيدر هڪڙوجي ٽولي سان ٿي پيو

 جيڪو ڪنهن وڏي واردات جي ارادي سان سڪرنڊ آيل هو سڪرنڊ پوليس همت ڪري مٿن فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ بدنام ڏوهاري ڪامران هڪڙو زخمي ٿي پيو

 جنهن کي سندس ساٿي ڇڏي فرار ٿي ويا زخمي ڌاڙيل زخمن جا سور نه سهندي بعد ۾ فوت ٿي ويو  هوڏانهن ايس ايس پي نوابشاھ تنوير حسين تنيو ايس ايڇ او سڪرنڊ حبيب الله مري ۽ سندس ٽيم کي سندن بهادري ۽ ڪارڪردگي تي کين شاباسي ڏيندي مڃتا سرٽيفڪيٽ ۽ روڪ رقم انعام طور ڏيڻ جو اعلان ڪيو مقابلي بعد ايس ايڇ او سڪرنڊ حبيب الله مري ٻڌايو ته مارجي ويل

 ڌاڙيل ڪيترن ئي ڏوهن ۾ گهربل هو سندس ٻين ضلعن مان پڻ رڪارڊ گهرايو پيو وڃي هيستائين مليل رڪارڊ موجب مارجي ويل ڪامران هڪڙو تي مختلف ٿاڻن تي 19 کان وڌيڪ ڪيس داخل آهن ٻئي پاسي ايس ايس پي تنيور حسين تنيو ٻڌايو ته ڏوهاري ڀلي ڪيڏو به طاقتور ڇو نه هجي کيس ڪنهن به صورت ۾ بخش نه ڪيو ويندو.

مارچ 20, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو