ٺٽو: مڪلي ۾ فقير امام الدين تنيو جي ورسي ملھائي وئي
ٺٽو(نظير احمد قريشي)مڪلي ۾ فقير امام الدين تنيو جي ڇوٿين ورسي وڏي احترام سان ملھائي وئي سندس آخري آرام گاھ مڪلي تي گلن جي چادر چاڙھي سندس مغفرت ۽ بلند درجات لاء دعا گهري وئي ورسي ۾ شوڪت زئور سليم تنيو محمد ايوب جيلاني صحافي واحد بخش شورو نظير احمد قريشي قادر جاکرو حيدر جويو
آڪاش ڀٽو يوسف ميراني ذڪر ميمن بشير احمد شورو محمد عمر خشڪ سليمان ميربحر مشتاق شورو عبدالجبار ڀٽي ۽ ٻين شرڪت ڪئي خصوصي دعا بعد افطار لنگر نياز جو اھتمام ڪيو ويو
ان موقعي تي انچارچ شڪايت سيل انساني حقوق کاتو حڪومٿ سنڌ ضلعو ٺٽو سجاول الطاف حسين تنيو چيو ته اسانجو والد محترم 8 رمضان المبارڪ فجر جي وقت ۾ اسان کان ھميشه لاء وڇڙي ويو اڄ به اسان جي دلين ۾ زنده آھي.
مارچ 20, 2024