سمير احمد چنا ايس ايس پي سکر جي چارج سنڀالي ورتي

Spread the love

سکر(بيورو رپورٽ)سمير احمد چنا ايس ايس پي سکر جي چارج سنڀالي ورتي ۽ ڪم جو آغاز ڪري ڇڏيو نئين مقرر ٿيل ايس ايس پي سکر ڊاڪٽر سمير نور چنا کي آفيس پهچڻ تي سکر پوليس جي دستي کيس سلامي ڏني۔

سکر پوليس جي ترجمان محمد بخش بلوچ جي جاري ڪيل بيان موجب سمير احمد چنا ايس ايس پي سکر مقرر ٿيڻ بعد پنهنجي عهدي جو چارج سنڀالي ورتو آهي ۽ ڪم شروع ڪري ڇڏيو

 ايس ايس پي آفيس پهچڻ تي کيس پوليس جي دستي سلامي ڏني،ان موقعي تي ايس ايس پي سکر ڊاڪٽر سمير احمد چنا آفيس جي عملي کي خطاب ڪندي چيو ته مون کي اميد آهي ته منهنجو اسٽاف محنت، لگن، ايمانداري ۽ نيڪ نيتيءَ سان پنهنجا فرض سرانجام ڏيندو،

هن وڌيڪ چيو ته سکر هڪ پرامن ضلعو آهي، اسان گڏجي ڪوشش ڪنداسين ته سکر ۾ امن جو ماحول برقرار رکيو وڃي. ايس ايس پي سکر وڌيڪ چيو ته قانون جي حڪمراني، ڏوهن جو خاتمو ۽ خاص ڪري منشيات فروشن سان ڪابه رعايت نه ڪئي ويندي،

هن چيو ته ڏوهن کي منهن ڏيڻ لاءِ عملي قدم کنيا ويندا، ڪنهن کي به قانون هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. سندن هٿان سکر جو روايتي امن هر صورت ۾ برقرار رکيو ويندو.

مارچ 19, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو