اميد تھ صدر آصف علي زرداري ھڪ ڀيرو ٻيھر آئيني سربراھ طور خدمتون انجام ڏيندو….
آصف علي زراري کي ٻيو ڀيرو صدر چونڊجڻ ۽ قسم کڻڻ تي قوم پاران مبارڪباد پيش ڪجي ٿي. پيپلزپارٽي جي شريڪ چيئرمين ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداريءَ سينيٽ، قومي اسيمبلي، چئن صوبائي اسيمبلين مان 411 ووٽ حاصل ڪري پاڪستان جي 14ھين صدر جي حيثيت سان قسم کڻي وفاق جي علامت بڻجي ويو. صدر مملڪت آصف زرداريءَ سياست جي شروعات 1990ع دوران ڪئي. ھي اھو سياستدان آهي جنهن تيرهن سال ست مهينا جيل ۾ گذاريا، سياست توڙي اقتداري ميدان ۾تعصب پرست مخالفن پاران سازشون سٽيندي کيس مسٽر ٽين پرسنٽ جھڙي منفي لقب سان پڻ نوازيو، جنھن ڪري ھو تقريبن پنجن سالن تائين. ٽيليويزن تي انٽرويو به نه ڏئي سگهندو هو، پر سندس مدبرانھ سياسي اصولن تي اٽل رھڻ ۽ سياست اندر متعارف ڪرايل نون لاڙن جي بدولت ملڪ جي عوام جي چونڊيل اسيمبلين جي ايوانن پاران صدارت جو منصب عطا ڪيو ويو آھي. ڪيترن ئي اختلاف رکڻ باوجود سياسي ماحول ۾ آصف علي زرداري جي اڳوڻي صدارتي مدي دوران قومي مفادن وٽان کنيل ڪيترائي قدم ساراھڻ جوڳا آھن، انھن ۾ 18 ھين ترميم تحت پنھنجا اختيار صوبن جي حوالي ڪرڻ، وفاق کان ناراض بلوچ اڳواڻن کي راضي ڪرڻ وارو ادا ڪيل ڪردار ۽ ايران، عراق جي اڳوڻي سفارتڪار ايم بي عباسي جي مدبراڻي ڪوششن وسيلي پاڪ- ايران گيس پائيپ لائن جھڙي اھم منصوبي ۾اڳڀرائي ڪرڻ سميت رياست جي بھتري لاءِ کنيل ٻيا اھم قدم پڻ شامل آھن، انھن کنيل قدمن کي عوامي پذيرائي حاصل آھي، اھو ئي سبب آھي جو ٻن ويلن جي ماني لاءِ پريشان عوام ۽ گيس نھ ملڻ سبب بند ٿيل صنعتي شعبي مان بيروزگار ٿيل پورھيت طبقو آمريڪي ساٿاري بڻيل اسٽبلشمينٽ پاران 12 سالن کان التوا ۾ پيل پاڪ-ايران گيس پائيپ لائن جي ڪم ۾ اڳڀرائي لاءِ آصف علي زرداري مان ئي پر اميد آھي. ان کان سواءِ صدارتي چونڊ دوران هڪڙي ٻئي بھترين ڳالهه اها سامھون آئي آهي ته غدار قرار ڏنل محمود خان اچڪزئي کي پنهنجي ئي صوبي بلوچستان مان هڪ ووٽ به نه مليو، پر پنجاب اسيمبلي مان 100 جي لڳ ڀڳ کيس ووٽ مليا، جيڪي اليڪٽورل ووٽن جي حساب سان 18 ووٽ آهن، مطلب ته سياستدانن تي الزام مڙھڻ وارو سياھھ باب پڻ پنھنجي منطقي انجام تي پھتو آھي، جڏھن تھ صدارتي چونڊن ۾ آصف علي زرداري جي سامھون حصو وٺندڙ پشتونخوا ملي عوامي پارٽي جي سربراهه محمود خان اچڪزئي جو چوڻ آهي ته صدارتي چونڊ سٺي ماحول ۾ ٿي آھي، ھي پھريون ڀيرو آھي جو صدارتي چونڊن ۾ ووٽ وڪرو يا خريد ناھي ٿيو، جيڪو بھترين قدم آھي، جڏھن تھ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ بئريسٽر گوهر آصف علي زرداري جي صدر چونڊجڻ تي چوڻ آھي تھ آصف زرداري جي فتح جمهوريت لاءِ سٺي نشاني ناهي، اسان وٽ گهربل اڪثريت آهي. تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فيصل جاويد چيو آهي ته صدارتي چونڊن ۾ اڌ کان وڌيڪ ووٽر اهل ناهن. پي ٽي آءِ اڳواڻن جي بيانن جو تسلسل حقيقي جمھوريت جي سونھن آھي. ھتي اسان قوم جي ترجماني ڪندي اھا اميد رکون ٿا تھ ٻيھر نئين چونڊيل صدر آصف علي زرداري جھڙي طرح ماضي ۾ صدارتي دور دوران ملڪ جي ترقي ۽ جمھوريت جي بقا لاءِ قدم کنيا ھئا، اھڙا ئي قدم يقينن ھاڻي بھ انھيءَ تسلسل تحت کڻندو.
مارچ 11, 2024