منهنجو دوست مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو

Spread the love

ڪامريڊ روچي رام

دوستي ۽ ذاتي تعلق کي پروٽوڪول کان مٿانهون سمجهندو هو.سيشن جج تاج محمد ابڙو ساڳيو ئي ڪامريڊ دوست ۽ سياسي ساٿي هو. ايئن هو پنهنجي سڀني لاڳاپن ۽ دوستن سان تعلق قائم رکندو آيو انهيءَ ڳالهه کان انڪار ڪونهي تنهن جي انهي عمل تي ڪنهن به ڪا ٽيڪا ٽپڻي ڪرڻ جي همت نه ٿيندي هئي.جڏهن ڪو دوست ڪنهن غلط فهمي سبب ناراض ٿيندو هو ته انهيءَ کي پاڻ لنگهي وڃي پرچائيندو هو. ايتري غير معمولي زندگي جي تجربن کان پوءِ به هو حياتي کي سونهن ۽ سوڀيا جو ويس سمجهندو هو ڪنهن ماڻهو سان شڪايت نه هوندي هئي هو هر ماڻهو کي سونهن ۽ ديا وارو سمجهي پيار ڪندو هو. هن ڪڏهن به ڪنهن سان شڪايت نه ڪئي هن زاتي طرح ايمانداري سان گڏ سچائي، سبتازي، سپتائي ۽ سٺائي سان پنهنجي جيئڻ جي ڍنگ سان شامل ڪري پاڻ کي مثالي بنايو. منهنجو ساٿ سدائين سندس مشغولين سان رهيو. تاج محمد ابڙو سچو سوشلسٽ ۽ سنڌ پرست هو. هن جو ڪردار هڪ مثالي ڪردار هو. هن جي هڪ جج طور حيثيت به Up to the Mark هئي هن جا فيصلا انصاف جي معيار تي پورا لهندا هئا.تاج محمد جي ڪيل فيصلن جي ايپيليٽ ڪورٽن به سدائين قبوليت ڪئي ۽ ڪي به ريمارڪ نه ڏنا هئا هن جي انصاف ۽ عدل ۾ يقينن ساراهه جوڳو آهي. اسانجو دوست تاج محمد ابڙو هڪ سخي مرد، وطن دوست اوطاق هلائيندڙ مهمانواز، پڙهڻ لکڻ ۽ ڪتابن جي شوقين، قلم جي اهميت سمجهڻ وارو، روشن خيال پڙهيو لکيو وڪيل ۽ هڪ انصاف پسند جج هو.

مارچ 10, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو