سلمان خان سان فلم ۾ ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو: شرڌا ڪپور
ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي اداڪارا شرڌا ڪپور انڪشاف ڪيو آهي ته هن سپر اسٽار سلمان خان سان گڏ فلم ۾ ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو.عاشقي 2 فلم ذريعي شهرت ماڻيندڙ اداڪارا شرڌا ڪپور هڪ تازي انٽرويو ۾ ٻڌايو ته هن جي عمر 15 سال هئي ته کيس سلمان خان سان گڏ فلم ”لڪي: ناٽ ٽائيم فار لو“ ۾ ڪم جي آڇ ٿي هئي.اداڪارا موجب هوءَ ان وقت پنهنجي تعليم جاري رکڻ چاهي پئي جنهن جي ڪري هن فلم ۾ ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو.شرڌا ڪپور جو چوڻ هو ته فلم ۾ ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪري تعليم تي ڌيان ڏيڻ تمام ڏکيو هو ڇو جو سلمان خان سان گڏ ڪم ڪرڻ جو سونهري موقعو ضايع ڪري ڇڏيو هو.اداڪارا ٻڌايو ته امريڪي يونيورسٽي ۾ تعليم دوران هن هڪ ڪافي شاپ تي به ڪم ڪيو هو.
مارچ 8, 2024