ثنا جاويد جي ميدان ۾ ايندي ثانيا مرزا جا نعرا گونجڻ لڳا، وڊيو وائرل، ثانيا مرزا پرسڪون!
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) تازو هڪ ميچ دوران هڪ عجيب واقعو پيش آيو جڏهن ماڻهن ثانيا مرزا جي غيرموجودگي ۾ سندس نعرا هنيا ۽ ميدان ثانيا مرزا جي نعرن سان گونجي اٿيو.
پاڪستاني ڪرڪيٽر شعيب ملڪ جي زال ثنا جاويد ميدان ۾ داخل ٿي ته اسٽيڊيم ۾ نعرا لڳي ويا پر اهي نعرا ثانيا مرزا جا هئا.
اهو منفرد ماحول ان ڪري پيدا ٿيو جو ماڻهو ڀارتي ٽينس رانديگرياڻي جي حمايت ۾ کيس ڀيٽا پيش ڪري رهيا هئا.
اهڙي وڊيو پڻ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي جنهن تي دلچسپ تبصرن جو سلسلو جاري آهي.
فيبروري 20, 2024