دادو: انب موري لڳ گھٽي ۾ بيھڻ تان جھيڙو، پوليس اھلڪار زخمي
دادو (ڊ-ر) انب موري ڀرسان گھٽي ۾ بيھڻ تان جھيڙو پوليس اھلڪار صداقت جتوئي زخمي ٿي پيو، زخمي کي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال دادو آندو ويو زخمي اھلڪار دادو پريس ڪلب پھچي دانھيو ته جوابدار مولابخش جتوئي، فياض جتوئي،
وحيد ملاح گھٽي ۾ بيھڻ تان سرون ھڻي زخمي ڪيو آهي مون اي سيڪشن ٿاڻي تي مٿن اين سي داخل ڪرائي آهي جلد جوابدار گرفتار ڪيا وڃن، جڏھن ته الزام هيٺ آيل ڌر جو چوڻ آهي ته پوليس اهلڪار هم جنس پرست آهي اسان کيس ڪيترائي دفعا روڪيو آهي ته گهٽي ۾ نه بيهندو ڪر پر مڙئي نه ٿو، روڪڻ تان گاريون ڏيڻ لڳو،
فيبروري 20, 2024