مشهور ڀارتي گلوڪارا ۽ اداڪارا آپگهات ڪري ڇڏيو

Spread the love

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ سان واسطو رکندڙ مشهور گلوڪارا ۽ اداڪارا مليڪا راجپوت مبينا طور ڦاهو کاهي آپگهات ڪري ڇڏيو.

مليڪا راجپوت، ڪنگنا رناوت جهڙين ٽاپ اداڪارائن سان گڏ ڪم ڪري چڪي آهي. سندس لکين مداح ۽ اداڪارا جا ويجها دوست حيران ۽ مايوس ٿي ويا آهن.

پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب مليڪا جو لاش سندس ڪمري ۾ پکي سان لڙڪيل حالت ۾ هٿ آيو جنهن کي پوسٽ مارتم لاءِ موڪليو ويو آهي جڏهن ته معاملي جي جاچ ڪئي پئي وڃي.

ڀارتي ميڊيا جي ذريعن جو چوڻ هو ته اداڪارا جو پنهنجي گھرڀاتين سان ڪنهن ڳالهه تان تڪرار هلندڙ هو جيڪو پوليس جي مداخلت کان پوءِ حل ٿي ويو هو، ان ڪري اداڪارا جي اوچتي موت ماڻهن جي ذهنن ۾ ڪيترائي سوال پيدا ڪري ڇڏيا آهن.

فيبروري 14, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو