ڏوڪري: پوليس پاران چوري ٿيل موٽر سائيڪلون هٿ ڪرڻ جي دعويٰ
ڏوڪري (رپورٽر) ڏوڪري مان چوري ٿيل موٽر سائيڪلون پوليس هٿ ڪرڻ جي دعوا ڪئي آهي. ڏوڪري پوليس مبينا ڳجهڙ روڊ تي چيڪنگ دوران پرائمري استاد قاضي عبدالمنان جوڻيجو، اظهار احمد ميراڻي، صديق ڀان جي چوري ٿيل موٽر سائيڪلون هٿ ڪري ورتيون آهن. ان موقعي تي ايس ايڇ او مختيار احمد بهلڪاڻي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اي ايس آءِ رستم جروار، پي سي مور جوڻيجو، عامر علي زهراڻي سان ڳجهڙ روڊ تي چيڪنگ ڪري رهيا هئاسين ته ٽن موٽر سائيڪل تي سوار پوليس کي ڏسي موٽر سائيڪلون ڇڏي فرار ٿي ويا آهن، چوري ٿيل موٽر سائيڪلون مالڪن جي حوالي ڪري ڇڏيون آهن. هن وڌيڪ چيو ته شهر مان باقي ٿيل ڏوھ واپس ڪرايا ويندا.
فيبروري 14, 2024