ملير: سيد يوسف شاهه اميناڻي جو سالياني عرس مبارڪ ۽ ميلي جون تقريبون پڃاڻي تي پهتيون

Spread the love

ملير (ڊر ) درساڻو ڇنو سنڌ جي عظيم صوفي بزرگ سيد يوسف شاهه اميناڻي جو سالياني عرس مبارڪ ۽ ميلي جون تقريبون پڃاڻي تي پهتيون، ميلي جي آخري ڏهاڙي تي سنڌ جي ثقافتي راند ملاکڙي جو ميدان سجايو ويو جنهن ۾ سنڌ جي نالي وارن ملھ پهلوانن حصو ورتو ,

 وائيس چيئرمين مرتضيٰ يار محمد بلوچ ،ساجد غلام جوکيو، مير خدا بخش بلوچ، گادي نشين صالح محمد درس، حاجي ظفر درس،فيض محمد درس

ڄام احمد جوکيو، جانشير اسلم جوکيو ايس ايڇ او ميمڻ ڳوٺ فيصل لطيف، فياض جوکيو غفار جوکيو ۽ ٻين ملھ جي ميدان  تي بهترين راند جو مظاهرو ڪندڙ خان محمد شورو، غلام نبي شيدي رجب علي باريجو ۽ ٻين کي انعام ڏنا، ميلي جي موقعي تي هزارين ماڻهن پڻ گڏ ٿي پهلوانن کي داد ۽ انعام ڏنا،

ميلي جي موقعي تي سنڌ بلوچستان جي مختلف علائقن مان وڏي تعداد ۾ عقيدتمندن درگاهه تي پهچي زيارت ڪئي، ميلي جي ٽنهي ڏهاڙن تي وڏيون بازارون پڻ لڳل رهيون جتان زائرين کاڌي پيتي سميت ثقافتي شيون پڻ خريد ڪيون،

 ميلي جي موقعي تي ٻارڙا جهولن ۽ اٺن تي چڙهي پڻ لطف اندوز ٿيندا رهيا، ميلي جي اختتام جي موقعي تي درگاهه تي چادر چاڙهي محفل نعت  پڻ منعقد ڪئي وئي جنهن  ۾ نالي وارن نعت خوانن پڻ حصو ورتو.

فيبروري 8, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو