اميتاڀ بچن پٽ اڀيشيڪ لاءِ جذباتي پيغام جاري ڪري ڇڏيو

Spread the love

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ اداڪار اڀيشيڪ بچن کي سندس نئين فلم ” گهومر “ لاءِ 3 آئيڪونڪ گولڊ ايوارڊ مليا آهن جنهن تي سندس والد ليجنڊري اميتاڀ ڀچن جذباتي ٿي ويو.
اميتاڀ بچن پنهنجي انسٽاگرام پوسٽ تي فلم جو پوسٽر شيئر ڪندي پنهنجي پٽ اڀيشيڪ لاءِ هڪ جذباتي پيغام لکيو آهي.

ليجنڊري اداڪار لکيو ته سندس دعائون، تعريفون ۽ محبتون پنهنجي پٽ لاءِ آهن ۽ هو ان ايوارڊز جو سڀ کان وڌيڪ حقدار آهي.
اميتاڀ بچن جي پوسٽ کانپوءِ مداحن ۽ شوبز انڊسٽري جي شخصيتن طرفان مبارڪباد جو نه کٽندڙ سلسلو شروع ٿي ويو آهي.
هدايتڪار آر بلڪي جي فلم ” گهومر “ گذريل سال آگسٽ ۾ رليز ٿي هئي جنهن ۾ اڀيشيڪ بچن سان گڏ سيامي کير، شڀانا اعظمي، انگد بيدي ۽ ٻيا شامل هئا.
اڀيشيڪ بچن فلم ۾ هڪ ڪرڪيٽ ڪوچ جو ڪردار ادا ڪيو جنهن مان متاثر ٿي عورت ڪرڪيٽر ٻيهر چيمپيئن بڻجي ويندي آهي.

فيبروري 5, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو