شوبز ۾ سياست ۽ جهيڙو ممڪن ئي ناهي: صحيفا
ڪراچي پاڪستاني اداڪارا صحيفا جبار انڪشاف ڪيو آهي تھ شوبز جي دنيا محدود آهي، تنهنڪي هتي سياست ٿيڻ يا جهيڙا ڪرڻ ممڪن ئي ناهي.
ميڊيا سان ڪيل ڳالهه ٻولهه ۾ هن ٻڌايو تھ پٺاڻ خاندان سان هجڻ باوجود اسان وٽ ڇوڪريون تعليم حاصل ڪن ٿيون، تنهنڪري مون اڪنامڪس ۾ گريجوئيشن ڪئي آهي.
هڪ سوال جي جواب ۾ هن جو چوڻ هو تھ شوبز ۾ ڪم بابت ڪجهه رڪاوٽون سامهون آيون، پر اهي بھ حل ٿي ويون. هن چيو تھ ڊرامن کان پاسيرو رهڻ جو سبب ذهني دٻاءُ ۽ معياري اسڪرپٽ نھ هجڻ آهي.
فيبروري 4, 2024