بلاول ڀٽو ئي ملڪ کي بحران مان ڪڍي سگهي ٿو
سڪندر چنو
پاڪستان ۾ اليڪشن جو ميدان سينگارجندي آخري مرحلن ۾ داخل ٿي چڪو آهي. پر پاڪستان تحريڪ انصاف کي پنهنجو بيٽ وارو نشان نه ملي سگهيو. ان لاءِ چيو پيو وڃي ته ان ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي ئي غلطي آهي. ڇاڪاڻ ته انٽرا پارٽي اليڪشن صحيح نموني نه ڪرائي ويئي. هن وقت پاڪستان تحريڪ انصاف جا جيڪي به اميدوار اليڪشن ۾ بيٺل آهن انهن کي آزاد حيثيت ۾ اليڪشن وڙهڻ جي اجازت ڏني ويئي آهي ۽ انهن کي مختلف انتخابي نشان الاٽ ڪيا ويا آهن. حيرت جي ڳالهه اهيا به آهي ته پنجاب جي ڪجهه علائقن ۾ پي پي جي اميدوارن کي به تير جو نشان نه ڏنو ويو آهي.
چون ٿا ته هن ڀيري تير جي کپت ۾ وڏو بلڪه تاريخي وڪرو ٿيو آهي جنهن جي ڪري مارڪيٽ مان ته تير وڪرو ٿي ويا آهن پر اليڪشن ڪميشن وٽان به تير وڪرو ٿي ويا آهن. ان جو اصل سبب پي پي پاران غريبن جي فلاح ۽ بهبود لاءِ ڏنل بهترين منشور آهي. حالانڪه هر اليڪشن ۾ اليڪشن ڪميشن جي مارڪيٽ وٽان به تير وڪرو ٿي ويندا آهن. ۽ هر اليڪشن ۾ اليڪشن ڪميشن جي مارڪيٽ ۾ تير جهجهي مقدار ۾ موجود هوندا آهن. پر هن ڀيري تير جي کوٽ ٿي ويئي آ. ان ڪري پنجاب ۾ پي پي جي اميدوارن کي تير نه پر مختلف نشان الاٽ ڪيا ويا آهن. هن وقت پي پي به ليول پيلنگ فيلڊ نه ملڻ جون دانهون ڪري رهي آهي ته ٻئي طرف پاڪستان تحريڪ انصاف به ساڳيون دانهون ڪري رهي آهي. برطانيا جي ڪيمبرج يونيورسٽي جي ڊڪشنريءَ ۾ ليول پلينگ فيلڊ ان صورتحال کي چيو وڃي ٿو جنهن جي اندر سڀني کي هڪ جيترو فائدو پهچندو هجي. ۽ نقصان به هڪ جيترو ٿئي.
هڪ اهڙو موقعو جنهن ۾ رانديگرن کي راند ۾ حصو وٺڻ ۽ کٽڻ جو هڪ جيترو موقعو ۽ ميدان ميسر هجي. پر پاڪستان ۾ ٿيندڙ اليڪشن کي ڏسون ٿا ته ڄڻ اهي سڀ فرضي ڳالهيون آهن يا هڪ وهم آهي. هڪ مشهور چوڻي آهي ته هي گهوڙا ۽ هي گهوڙن جو ميدان يعني جيئن ئي گهوڙو ميدان ۾ لهندو ته خبر پئجي ويندي ته گهوڙي ۾ ڪيترو دم آهي؟ پر جيڪڏهن گهوڙي جي مقابلي ۾ ٻيو گهوڙو ئي نه هوندو ته طاقت جي توازن جي خبر ڪيئن پوندي؟ مون کي ننڍپڻ ۾ اهو زمانون به ياد آهي جڏهن اسين ڪرڪيٽ کيڏندا هئاسين ته مخالف ٽيم جڏهن کٽڻ جي پوزيشن ۾ نه هوندي هئي ته پوءِ اها ٽيم ڦڏو ڪندي پڇ تان اسٽمپ پٽي ڇڏيندي هئي. ۽ اها ٽيم چوندي هئي ته اسين توهان سان ڪونه کيڏنداسين توهان ٿروبالنگ ٿا ڪيو. حالانڪه انهن جي الزامن ۾ دم نه هوندو هيو پر راند هارائڻ جي پوزيشن ۾ هوندا هئا.
اهڙي طرح پاڪستان ۾ به انصاف جو هر هر قتل ٿئي پيو. پاڪستان ۾ ڪوبه قانون ناهي. طاقتورن به سياسي رانديگرن کي ته ڪنهن نه ڪنهن نموني سندن مرضيءَ مطابق انصاف ملي وڃي ٿو. پر غريب عوام ويچارو خاندانن سميت بک، بدحالي ۽ افلاس سبب خاندان سميت موت جي اجل جو شڪار ٿيندو رهي ٿو.
ملڪ ۾ وڌندڙ مهنگائي جو ڪيس آخرڪار ڪهڙي عدالت ۾ وڙهجي؟ سيشن ڪورٽ، هاءِ ڪورٽ يا سپريم ڪورٽ ۾؟ هن وقت ملڪ جي انارڪي ۽ لاقانونيت جي حالت اها آهي جو واپارين بصر لڪائي ڇڏيو آهي ۽ هاڻي بصر مارڪيٽ ۾ 300 کان به وڌيڪ وڪامجي رهيو آهي. آهي ڪو ملڪ ۾ راڻي راڻو؟ آهي ڪو آفيسر جيڪو چيڪ ۽ بيلنس ڪري؟ سڀ ننڊ ۽ آرام ۾ آهن. عوام ان انتظار ۾ به آهي ته مهنگائي تي ڪيس به ڪريون پر ان جو ڪهڙين ڪورٽن ۾ حاضريون کائڻيون پونديون؟ هر ماڻهو هڪ ٻئي کان سوال ڪري رهيو آهي ڪير ڪنهن کي مثبت جواب ڏيڻ گوارا ئي ڪونه ٿو ڪري.
سياستدان عوام کان ووٽ ته وٺن ٿا پر کٽڻ کان پوءِ گم ڇو ٿا ٿي وڃن؟ جيڪڏهن پنجن سالن ۾ عوام سان رابطي ۾ رهن ته پوءِ اليڪشن ۾ به کين ڪا تڪليف ڇو ٿيندي؟ سياستدان اڪثر ڪري لفظ “خدمت ڪنداسين يا خدمت ڪئي آهي” جو گهڻو استعمال ڪندا آهن. جيڪا اهي خدمت ڪن ٿا يا ڪندا اهو ته سندن جو وڏو احسان وڏو وڙ ۽ وڏو ماڻپو هوندو آهي. پر جيڪڏهن واقعي خدمت گذار هجن ته پوءِ هر پنجن سالن کان پوءِ عوام کي ووٽ لاءِ منٿون ڇو ڪن؟ عوام هاڻي وري نوجوان بلاول ڀٽو زرداري جي واعدن تي وڌيڪ اعتبار ڪري ٿو. ڇاڪاڻ ته بلاول ڀٽو زرداري به 2018 جي اليڪشن جيان عمران خان وانگي نئون آهي. هاڻي عوامي راءِ آهي ته بلاول ڀٽو زرداري کي موقعو ڏجي ڀلا.
8 فيبروري تي اليڪشن ضرور ٿيندي ڇاڪاڻ ته اليڪشن ڪميشن بيلٽ پيپر جي ڇپائي جو ڪم آخري مرحلن ۾ داخل ٿي ويو آهي. جمهوريت مضبوط تڏهن ٿيندي جڏهن اليڪشن ٿيندي هن وقت ملڪ جي حالتن عوام کي موڳو ڪري ڇڏيو آهي ته ملڪ ۾ هلي ڇا ٿو جمهوريت يا آمريت؟ ٻيڙي کي هلائيندڙ ميربحر جي وڏي چالاڪي چئبي جيڪو ٻيڙي کي درياهه جي لهرن کي پنهنجي مرضيءَ سان هلائي رهيو آهي. اها هڪ مهارت آهي. نواز شريف جو حافظ آباد وارو جلسو فلاپ ويو آهي.
پاڪستان هن وقت معاشي، سياسي پاڙيسري ملڪن پاران پيدا ڪيل امن و امان جي بحراني ڪيفيتن ۾ مبتلا آهي. چيئرمين شاهد شيخ جي چوڻي ته پاڪستان ۾ استحڪام تڏهن ايندو جڏهن اليڪشن پنهنجي مقرر وقت تي ٿيندي. ايشا کنڊ ۾ ضلعي حڪومتن جي نظام جو بنياد 1884 ۾ وائسرا لارڊ هڪ اهڙي ايڪٽ جي وسيلي نافذ ڪيو جنهن ۾ ضلعن ۽ تعلقن جي بنياد تي بورڊ قائم ڪري ماڻهن جا مسئلا حل ٿي سگهن. پر هن وقت اهو نظام مفلوج ۽ ناڪاره ٿي ويو آهي.
پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ ان نظام کي فعال بڻايو ويو پر وري به ناڪام ٿي ويو. صدر ايوب پڻ اهڙو نظام قائم ڪيو پر ان به عوام کي ڪو فائدو نه ڏيئي سگهيو ۽ نظام ناڪام ٿي ويو. آمر ضيا به اهڙو نظام عوام لاءِ آندو پر ان به عوام کي ڪو خاطر خواهه فائدي ڏيڻ کان قاصر رهيو. اڄ به عوام جون دليون پنهنجي مٽيءَ سان گڏ ڌڙڪن ٿيون. ۽ هڪ بهتر نظام جي انتظار ۾ آهي ته جيئن عوام جا مسئلا بهتر نموني حل ٿي سگهن. جيڪڏهن اليڪشن صاف شفاف ٿئي ٿي پوءِ پڪ سمجهڻ گهرجي ته ايندڙ وقت ۾ بلدياتي نظام بهتر نموني عوام جا مسئلا حل ڪري سگهندو. پر ان جي به پڪ ناهي. ڇاڪاڻ ته جيستائين ڪرپشن جو خاتمو نه ٿيندو تيستائين ڪوبه نظام بهتر دڳ تي هلي ڪونه سگهندو. ڇاڪاڻ ته ڪوبه نظام اڃان سٺي دڳ تي هلڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ته ان کي منڊو ڪيو وڃي ٿو. پوءِ عوام وڏن سورن ۾ اچي وڃي ٿو.
بلاول ڀٽو زرداري چوڻي ته اسٽيبلشمينٽ سياست کان پري ٿي ويئي آهي. جيڪا هڪ بهتر ڳالهه آهي. جيڪڏهن اسٽيبلشمنٽ واقعي به سياست ۾ مداخلت نه ڪري ته هوند سياستدان ليول پيلنگ فيلڊ ۾ پنهنجي طاقت آزمائيندي جيڪو ميدان ماري ۽ جنهن کي عوام قبول ڪري ان کي 5 سالن لاءِ اقتدار ڏنو وڃي. جيڪڏهن اها پارٽي ملڪ کي سنواري نه سگهي ته پوءِ پڪ ڄاڻڻ گهرجي ته ان کي ٻيهر عوام رد ڪري ڇڏيندو. هن وقت سوشل ميڊيا جو دور آهي. عوام سياستدانن کان وڌيڪ هوشيار باش ٿي ويو آهي. پر اها به حقيقت ڄاڻڻ گهرجي ته عوام کي پنهنجي پنهنجي تڪ جي اميدوار کان 5 سالن کان پوءِ ڪارڪردگي بابت پڇاڻو ڪرڻ جو بنيادي حق به آهي.
عوام ۾ شعور اچي چڪو آهي. جيڪا سٺي ڳالهه آ. هن وقت سنڌ جي عوام جو وڏو ۽ بنيادي مسئلو ڳوٺن ۾ بجلي ۽ گئس جو نه هجڻ آهي. عوام سخت تڪليفن کي منهن ڏيئي رهيو آهي. تازو نوشهرو فيروز ۽ ڄام شورو ۾ عوام اميدوارن کان سخت پڇاڻو ڪيو آهي. پي پي قيادت ته هر چونڊيل اميدوار کي ترقياتي فنڊ مهيا ڪري ٿي پوءِ تڪن ۾ ڪم نه ڪرائيندا ته ان ۾ پارٽي جو ڪهڙو ڏوهه؟ پي پي قيادت ته چاهيندي آ ته سندن هر اميدوار بنا مقابلي ڪامياب ٿئي. سندن ٽپڙ جو پورا هوندا ته عوام ڇا ڪري. عوام ان بي قراري سان ان انتظار ۾ آهي ته نوجوان بلاول ڀٽو زرداري کي وزيراعظم ٿيڻ جو موقعو ڏنو وڃي.
جنوري 31, 2024