حقيقي زندگي ۾ ڊرامن وارا ڪم ڪريان ته گھران ڪڍيو ويندو: عائز خان
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني اداڪارا عائزا خان چيو آهي ته جيڪڏهن هوءَ حقيقي زندگي ۾ به ڊرامن وارا ڪم ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي ته کيس گھر مان ئي ڪڍيو ويندو.عائزا خان جي سوشل ميڊيا تي هڪ وڊيو ڪلپ وائرل ٿي رهي آهي، جنهن ۾ هوءَ حقيقي زندگي ۽ پنهنجي اداڪاري بابت ڳالهائي نظر اچي رهي آهي.اداڪارا کان پڇيو ويو ته هوءَ ڊرامن جيان حقيقيق زندگي ۾ به ائين ئي آهي؟ جنهن تي اداڪارا وضاحت ڪئي ته سندس حقيقي زندگي ڊرامن کان مختلف آهي.
جنوري 18, 2024