اڇوتن جي ڊائري ..سنڌ گُلال

Spread the love

خليل ڪنڀار

 رانا محبوب اختر جو نئون ڪتاب “سنڌ گُلال” موهن جي دڙي تي ٿيل حملي وقت مهاڻن ماڇين ۽ ميدن جي وڍيل زبانن مان وهي نڪتل رت جي ڪهاڻي آھي، يعني وڍيل زبانن جو موٽي آيل آواز آھي. اوهين هن سفرنامي کي ديوتائن جي داستانن جي سامهون مقامي ماڻھُن جي ڪهاڻي چئي سگهو ٿا، جيڪا حمله آورن جي رزميه ڪٿائن جي ڌڄ اڳيان ڌنڌلائجي وئي هئي. هي ڏيوجي، سُورتي، سنڀو ۽ پهلاج جي ڪهاڻي آھي. هي سارنگ، سنگهار، سُرهي ۽ لکمير جي ڪهاڻي آھي. هي انهن سورمن جي ڪهاڻي آھي، جيڪي بادشاهن جي شاهنامن ۾ اڇوت، مليڇ ۽ راڪشس قرار ڏنل آھن. ھي سنڌ ڌرتي جي عام لوڪن جي سينن ۾ محفوظ ٿيل سنڌ جي آتم ڪٿا آھي. هي ڪهاڻي ڪوڙن داستانن کي مليا ميٽ ڪري ٿي. هن ڪتاب ۾ ھڪڙي اسڪالر جي علمي بصيرت ۽ مضبوط دليل آھن ۽ نج علمي ڳالهيون، بي انتها وڻندڙ نثر ۾ لکيون ويون آھن. رانا محبوب اختر خشڪ موضُوعن کي مور جي زبان سان اُچاريو آھي. ايترو شديد حسين نثر پڙھي دل ۾ خيال آيو ته ليکڪ کي هٿ ٻڌي گذارش ڪجي ته جناب تحرير ۽ عورت کي ايترو حسين هجڻ گهرجي، جيترو فاني انسان برداشت ڪري سگهي ٿو.

سمبارا هن ڪتاب جي پنن تي رقص ڪري رھي آھي ۽ ھُن جي کاٻي ٻانهن ۾ پاتل پنجويھ چوڙيون ۽ ساڄي ھٿ ۾ پاتل چار ڪنڱڻ هن ڪتاب ۾ وڄي رهيا آھن. موهن جي دڙي ۾ آرٽ ته آھي پر ڪنهن مقدس طاقت جو ڪو به نشان ناهي. اهو فيصلو ڪير ڪندو ته موهن جي دڙي جي وڏي ايجاد ڦيٿو آھي يا ڳاڙھي سر، جنهن سان حمام، گدام، وهنجڻ جو تلاءُ، گهر ۽ پارليمان اڏيل آھن.

رانا محبوب لکي ٿو، “ڏيڍ سال کانپوءِ لاڙڪاڻي کان ستاويھ ڪلوميٽر پري موهن جو دڙو ۾ سمبارا جو مجسمو ڏٺم ته مون کي سمارٽ ھوٽل جي بي نام ٻارڙي بي حساب ياد آئي. هوءَ ۽ سمبارا هم رنگ، هم نسل ۽ ھم شڪل آھن. سمبارا جي وقار سان هن منهنجي مٿي تي هٿ رکيو هو. سمبارا جو مجسمو سنڌ جي ڪنهن قديم مائيڪل اينجلو تراشيو هوندو. سمارٽ ھوٽل تي ملندڙ ڀيل ٻارڙي خدا جي مصوري هئي، سمبارا جو نئون جنم؟ غربت، استعمار ۽ حمله آوري جي قهر جي ماريل نئين سمبارا جي اکين ۾ سنڌ وادي جي تهذيب جا پنج هزار سال ڏيئن وانگي ٻري رهيا هئا”.

رانا محبوب جي وسيع مطالعي جي جهلڪ هن ڪتاب جي هر موضوع تي ڳالهائيندي نظر اچي ٿي. رنگن، مذھبن، انگن ۽ مقاميت تي حمله آوري جي موضوعن تي ڳالهائيندي هو هن رُوءِ زمين جي سمورن ڀاڱن جي رنگن، مذھبن ۽ مقاميت تي ٿيل حمله آوري جي تاريخ سان واقفيت ڪرائي ٿو. آرين، ايرانين، يونانين، خراسانين، عربن، منگولن ۽ گورن حمله آورن جي وچ ۾ صدين جي مفاصلن کان پوءِ به جيڪا ڳالھ مشترڪه آھي ۽ سڀ ئي جنهن تي متفق آھن، اُها اِها آھي ته مقامين جو قتل ثواب آھي. انهن جي کوپڙين مان مينار اڏڻ گهرجن. انهن جي عورتن کي سريتون بنائجن ۽ هنن جي ٻارڙن کي قيد ڪجي ۽ هنن جي قتل عام تي جشن ڪجن. جيئن ته مقامي ماڻھُن کي تهذيب جي به خبر ناهي، انڪري هنن کي تهذيب به سيکارجي. صرف گوري نسل پرست سامراج ٽي ڪروڙ ھندستانين کي وحشي چئي ماري ڇڏيو .

پيغمبر اسلام جي واضح حُڪم جي باوجود ايراني، آرامي، بربري ۽ ٻين مفتوح علائقن جي مسلمانن جي سڃاڻپ لاءِ عرب سڳورن پاران موالي جو ٽائيٽل ڏنو ويو، جيڪو پوءِ شيعن ڏانهن منتقل ٿيو. ان اڇوتپڻي تي به تفصيلي ڳالھ ٻول آھي. دنيا فتح ڪرڻ جو خفت بدنصيبي آھي، جو ان لاءِ ماڻھن جو خون وهائڻو پوندو آھي. نئين دنيا دريافت ڪرڻ جي چڪر ۾ صرف آمريڪا ۾ ست ڪروڙ ماڻھو قتل ٿيا ۽ دنيا جا انتهائي حسين ماڻھُن کي ريڊ انڊين جو خطاب ڏيئي انهن کان انهن جي ڌرتي کسي وئي. دنيا جي انهن انتهائي حسين انسانن تائين گورو نه صرف تلوار کڻي ويو پر هو انهن حسين ماڻھُن تائين ماتا جي بيماري به کڻي ويو، جنهن سان انهن جي چهرن تي بد نما داغ پئدا ٿيا. جڏھن هو پنهنجي خوبصورت چهري تي اهي داغ ڏسندا هئا ته هو خودڪشي ڪري ڇڏيندا هئا. انهن وانگي ئي دنيا فتح ڪرڻ جي خفت ۾ اسان جي اشوڪا به پنهنجي نوانوي ڀائرن سان گڏ لکين ماڻھو قتل ڪيا.ڪالونيل ازم جو ڪم ڌرتي ڌڻين کان انهن جا کيٽ کسي انهن کي بک ڏيڻ ۽  نفرت پوکڻ آھي. سامراج مذھبن، فرقن، قومن ۽ ذاتين کي ورهائي ۽ ويڙھائي  اسان جي خوبصورت سماج کان ان جي سهپ جو حسن کسي ڇڏيو. پوءِ به هن ڌرتي جي قصه گوئن ۽ شاعرن درٻاري تاريخ جي سامهون پنهنجي ڪهاڻي کي زنده رکيو. هنن فاتحن جي جاءِ تي قتل ٿيل ۽ هارايل پنهنجن هيروز کي پنهنجي قصن ۽ ڪهاڻين ۾ سرخرو ۽ امر بڻائي ڇڏيو. هنن حمله آور سامهون مقامي مزاحمت ڪار کي پنهنجي ڪٿائن ۾ اوچي ڳاٽ ۽ قابل رشڪ رکيو. انڪري ئي اسين پاڻ تي فخر برقرار رکي سگهياسين ۽ انڪري ئي هُو اسان جي ڌرتي قبضي هيٺ آڻڻ باوجود اسان جا ذھن فتح نه ڪري سگهيا. اسين پنهنجي ڀاڳو ڀان جهڙن قصه گوئن ۽ مرکان شيخڻ، شاه لطيف ڀٽائي ۽ شيخ اياز جهڙن شاعرن جا احسان مند آھيون.

رانا محبوب هي ڪتاب لکڻ لاءِ سنڌ جو پنيتاليھ هزار ڪلوميٽر پنڌ ڪيو. هر موضوع تي هن هڪڙي عالم وانگي محنت ڪئي آھي. سيني در سيني هلندڙ قصن ڪهاڻين کي ڪتابن ۾ لکيل ڳالهين سان ڀيٽايو آھي ۽ پوءِ ان کي ان زماني ۾ پوري دنيا جي حالتن جي تناظر ۾ به ڏٺو آھي. هن خطي تي يلغاري ٿيندڙ سمورن مذھبن تي به تفصيلي ڳالهايو آھي ته ڪيئن هنن اسان جي ڌرتي سميت سڄي دنيا ۾ مذھب کي هٿيار طور استعمال ڪري قومن جون تباهيون ڪيون، انهن جي جون ٻوليون مٽايُون، ڪتب خانا جلايا ۽ ڌرتي واسين کان زمينون ۽ زبانون کسيون. سرائڪي وسيب مان رفعت عباس کانپوءِ ھي ٻيو جرئت مند آواز آھي، جنهن ڪالونيل ازم جي خلاف ۽ مقاميت جي حق ۾ سگهاري نموني سان ڳالهايو آھي.

رانا محبوب جڏھن جهوڪ پهچي ٿو ته سندس ڪتاب جي پنن تي لڙڪ وهڻ لڳن ٿا. جڏھن هو مزار جي اڱڻ تي لاچار، بيمار ۽ نادار عورتن کي دعا گهرندي ڏسي ٿو ته هن کي اهي هاري عورتون ۽ مرد شاه عنايت شھيد جا ڪرچيون ڪرچيون ٿي ويل خواب لڳن ٿا. هو سوچي ٿو ته رياست هڪ انقلابي جي درگاه تي ڪيئن عقيدت جون نيريون سرون لڳائي ڇڏيون آھن! جنهن اڱڻ تان سنڌ ۾ انقلاب ۽ اتساه جو فيض عام ٿيڻ گهرجي ها، ان انقلابي جي درگاه صوفي جي درگاه بڻجي وئي آھي ۽ انقلاب جو خواب ريزه ريزه ٿي ويو. مارڪس کان به ٻه سئو سال پهرين “جو کيڙي، سو کائي” جو نعرو هڻندڙ جي درگاه لنگر خانو بڻجي سندس ئي نعري جي نفي ڪري رهي آھي. ڦاسيون ڏيڻ، ڪنڌ وڍڻ ۽ زبانون ڇڪڻ ۾ مشھُور فرخ سير ۽ ان جو  ڪارندو اعظم خان، شاه عنايت کي شھيد ڪري به ايئن نه دفنائي سگهيا، جيئن سندس گادي نشينن کيس دفنائي ڇڏيو آھي. فرخ سير، جنهن تي هريانه جو شاعر جعفر زٽلي مزاحيه شعر لکي طنز ڪندو هو ۽ فرخ سير کيس سزا ڏني ته هو تاريخ ۾ امر ٿي ويو. هن ڪتاب ۾ جعفر زٽلي تي حارث خليق جو نظم به شامل آھي.

چويھ هزار شھيد هارين جي اجتماعي قبرن گنج شھيدان تي بيهي رانا محبوب لکي ٿو: “آزادي، خوشي، برابري ۽ عام ماڻھُو جي خوشحالي جا خواب هر زماني ۾ شھادت جو سبب رهيا آھن”.

عبائون مين تمهارا اپني تلوارين ڇپانا

اور سجدون مين همارا قتل هوجانا روايت هي.

هن ڪتاب ۾ سمبارا به آھي ته شاھ لطيف به آھي. دودو سومرو به آھي ته سنڌ جي پهرين جلاوطن شھزادي ٻاگهل ٻائي به آھي. درياه ۽ درياه پنٿي آھن، اُڏيرو لال آھي، قلندر ۽ شو آستان آھن. روپلو ڪولهي آھي ته اُڌيسنگھ سوڍو به آھي. وتايو فقير به آھي ته الهرکيو کوسو به آھي.

هن ڪتاب ۾ لکيل آھي ته، “تاريخ بادشاھ جي پروپيگنڊه آھي ۽ لوڪ ڪهاڻي مقامي ماڻھُو جو سچ آھي”.

“پاڻي ڌرتي جو پهريون پٽ آھي”.

“گنگا جي طاقت سان روءِ زمين ٻڏي وڃڻ جو خطرو هو. شو برهما جي مرضي سان گنگا جي پاڻي کي پنهنجي زلفن ۾ قيد ڪيو. دنيا جي تاريخ ۾ اِها زلفن جي  پهرين واردات هئي”.

“اُڏيري لال جي درگاه کان ٻاهر آيس ته منهنجي جھولي ۾ سوالن جا ڪنڊا ۽ گلاب هئا”.

“غريب جي غربت کي دوام ڏيڻ لاءِ ڪالونيل ازم هاري جهوپڙي جي ائٽم بم سان حفاظت ڪري ٿو”.

“ڀڳوان کي خبر هئي ته عورت جي روپ ۾ جيئڻ خدا هجڻ کان مشڪل آھي

جنوري 11, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو