ملير: پي ايس 85 تي (ن) ليگ جي اميدوار حڪيم پير حفيظ الله جان سرهندي پاران چونڊ مهم شروع، مختلف علائقن جا دورا
ملير (ڊر) پي ايس 85 تي مسلم ليگ ن جي ٽڪيٽ اميدوار حڪيم پير حفيظ الله جان سرهندي جي چونڊ مهم جي سلسلي ۾ مختلف علائقن جا دورا ڪري ملاقاتون ڪيون
ميمڻ ڳوٺ ڄاموٽ هائوس تي نواز ليگ صوبائي نائب صدر محمد موسي ڄاموٽ سان ملاقات جنرل اليڪشن جي حوالي سان ڳالهيون ڪيون، نائب صدر مسلم لیگ محمد موسي ڄاموٽ پير حفيظ الله جان سرهندي کي مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائيندي چيو ته پارٽي جي نامزد ڪيل سمورن اميدوارن جي چونڊ ورڪ ۾ گڏ هوندس ايندڙ حڪومت مسلم ليگ جي هوندي سڄي ملڪ مان ڪاميابي ماڻي نواز شريف کي وزير اعظم بڻايو ويندو
مسلم لیگ ن جي 229اين اي پي ايس 85 تي ٽڪيٽ جي اميدوارن پير حفيظ الله جان سرهندي ، قادر بخش ڪلمتي درسانو ڇنو ۾ مشهور بزرگ سيد يوسف شاهه اميناڻي جي مزار تي حاضري ڀري فاتح خواني ڪئي
ان موقعي تي درس برادريء جي معززرين فيض محمد درس صالح محمد درس ڊاڪٽر اسلم، محمد حسن درس، شفيع محمد درس ۽ ٻين پاران ڏنل آجياڻي تقریب ۾ شرڪت ڪئي
درسانو ڇنو ۾ تاج محمد جوکيو جي لاڏاڻي تي تڏي تي پهچي سندس وارثن سان عذر خواهي ڪئي
پپري جي الله بخش حمايتي ڳوٺ ۾ نور محمد حمايتي جي گهر پهچي سندس مزاج پرسي ڪئي سندس مڪمل صحتيابي لاءِ دعا فرمائي
پير حفيظ الله جان سرهندي قادر بخش ڪلمتي الله بخش حمايتي ڳوٺ ۾ يار محمد حمايتي ۽ بصريو حمايتي جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي.
جنوري 10, 2024