چوٽياريون : شھرين پاران گٽرن جو پاڻي نيڪال ڪرائڻ لاء احتجاج
چوٽياريون (رپورٽ: علي گل منڱريو) چوٽياريون ۾ رهواسين جو گٽرن جو گندو پاڻي نيڪال ڪرائڻ لاء احتجاج, پبلڪ هيلٿ کاتي جي ڪامورن ۽ ملازمن خلاف نعري بازي.
تفصيل موجب چوٽياريون ۾ ڪيريا پاڙي جي رهواسين عبداللهّ ڪيريو, غلام علي, راجا ڪيريو, مولوي زاهد ڪيريو ۽ ٻين گٽرن جو گندو پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو,
ان موقعي تي رهواسين پبلڪ هيلٿ کاتي سانگھڙ جي عملدارن ۽ ملازمن خلاف ڇتي نعري بازي ڪندي چيو ته پبلڪ هيلٿ کاتي جا مقرر ٿيل ملازم گهر ويٺي پگهارون کڻي رهيا آھن گذريل ٻن مهينن کان مشينري نه هلڻ ڪري گٽرن جو گندو پاڻي روڊن ۽ رستن تي اچي ويو آھي جنهن سبب رهواسين توڙي نماز تي ويندڙ نمازين کي اچڻ وڃڻ ۾ مشڪلاتون اچي رهيون آھن,
هنن وڌيڪ چيو ته پبلڪ هيلٿ کاتي سانگهڙ جي عملدارن کي بار بار شڪايتون ڪيون آھن پر ڪوبه تدارڪ نه پيو ڪيو وڃي جڏھن ته مقرر ٿيل ملازم مشينري خراب هوئڻ جو جواز ڄاڻائي هٿ سان رستا ۽ روڊ تباھ ڪري اسانکي ٻوڙي رهيا آھن, رهواسين ڊپٽي ڪمشنر سانگهڙ کان مطالبو ڪندي گهر ڪئي آھي
ته فوري طور مشينري هلائي گٽرن جون گندو پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو.
جنوري 8, 2024