نواز شريف جو چونڊ مهم جي حوالي سان اهم فيصلو

Spread the love

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ قائد نواز شريف پارٽي چونڊ مهم ۾ 22 جنوري کان حصو وٺڻ جو فيصلو ڪري ورتو.
ذريعن موجب ن ليگ قائد نواز شريف 22 جنوري کان پارٽي جي چونڊ مهم ۾ حصو وٺندو ۽ پهريون چونڊ جلسو مانسهرا ۾ ٿيندو، جتي هو خطاب ڪندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ن ليگ جي چيف آرگنائيزر مريم نواز به مانسهرا جلسي ۾ نواز شريف سان گڏ هوندي.
واضح رهي ته نواز شريف لاهور ۽ مانسهرا مان قومي اسيمبلي جي سيٽ تي چونڊ وڙهي رهيو آهي ۽ سندس نامزدگي ڪاغذ منظور ٿي چڪا آهن.

جنوري 8, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو