نبي سر جي شاعر سان ملهايل سال جي آخري شام

Spread the love

                        رام

سج لهي چڪو آهي. ڌنار ۽ پکي آکيرن ڏانهن موٽي رهيا آهن. آئون وقت جي رفتار ۽ سنڌ جي حالتن تي سوچيان ٿو. لکڻ وقت سدائين منهنجا خيال ايڊٽ ٿيندا آهن. آئون پنهنجي ئي تصورن جو پاڻ ايڊيٽر آهيان، ههڙي گُهٽيل ماحول ۾ ڀلا ڪا فضيلت واري ڪَٿا لکي سگهجي ٿي؟ شاعري جي آرٽ ۾ ڪجهه ڳالهائي سگهجي ٿو:

ايتري ماٺار هوندي

موسمن جي ڪنهن مڌر سنگيت ۾

خشڪ صحرا جيئن گلي مان

ٿي سگهي ٿو گيت ڪو گونجي وڃي

هن سڄي ديوارِ برلن ۾ ڪٿان

ٿورڙو ئي ڏار ڪو پئجي وڃي…

                         آئون ڊسمبر جي هن اداس شام جو نبي سر جي شاعر مظهر لغاري جو ڪتاب “هوائون نه روڪيو” پڙهان ٿو, ۽ پڙهندي پڙهندي شاعر جي سوچ سان شام ملهايان ٿو. هڪ اهڙو اميجسٽ شاعر، جيڪو خود فئنٽسي ۾ مبتلا ٿي وڃي ٿو:

اڃا ڪجهه رات فتني جي هئي باقي

سو چانڊوڪي چٽي اوڍي سمهي پيو

ٿڪل هو سخت اوجاڳيل هو مظهر

نبي سر جي مٽي اوڍي سمهي پيو..

ان شاعري جو پس ۾ منظر به ڪجهه اهڙو ئي آهي، جتي ويڳاڻپ ۽ ويساهه گڏ گڏ هلن ٿا. سوچ ويچار ۾ هي شاعر مشاعري جي رش کان ٻاهر بيٺل آهي، ۽ وظيفه خوار به ڪونهي، پر ان جي تخيل تي ڊسٽربنس جو سبب صحافت ۽ اين جي اوز  بڻيون آهن. سرمايو آرٽ تي به اثر ڇڏي ٿو، ان هوندي به مظهر مختصر ۽ معياري لکيو آهي. ان ڪوي جي سوچ جي وضاحت ڪجهه سوال اهڙا ئي اُٿاري ٿي. ڌرتي جو ڪو مذهب هوندو آهي؟ وڻن جي ڪا قوم هوندي آهي؟ سج جي روشنيءَ ۽ هوا ۾ فرقيواريت موجود آهي؟ چنڊ ڪنهن جي ذاتي ملڪيت آهي؟ موت ڪهڙي رنگ ۽ نسل ۾ ڪونهي؟ مظهر جي اميجينيشن ۾ به ڪجهه اهڙو اظهار ٿيل آهي:

ڇٻر تي پريان ٿوري وڻ ڇانءُ هئي

جا بي دين، بي قوم، بي نانءُ هئي…

اڄ لوڪ جو هڪ حصو نئين سال جي آمد جي آجيان ڪري چڪو آهي. هر سال حساب ڪتاب ٿئي ٿو، ڪي گهڻا ماڻهو، تنظيمون, بينڪون، ۽ ڪمپنيون اهو پوتاميل ڪنديون آهن ته سرمايي ۾ ڪيترو اضافو ٿيو؟ هاڻ مايا ۾ اضافي جي سوچ ۽ وقت هڪ رفتار سان هلڻ لڳا آهن. مطلب ته اڪثر ماڻهن جي حيات جو مقصد سرمايو ٿي پيو آهي. هر شيءَ جنس ۾ بدلجي رهي آهي. سونهن به مارڪيٽ جو وکر آهي، ته سوچ ۽ خيال به وڪرو ٿين ٿا. ضمير به وڪجي ٿو ته وهي به وڪجي ٿي. اهڙي فضا ۾ هڪ آرٽسٽ ڪيئن ٿو محسوس ڪري؟

هي سڄو منڊ اڄ ڊهي به وڃي يا نه ڊهي

پرينءَ جي پار کان ڪيڏا نه اشارا آهن

متان ڪا ڪهڪشان ٺهي به وڃي يا نه ٺهي

هزارين تنهنجي روشنين جا ستارا آهن…

هن گذري ويل سال ۾ الئه ڪهڙي نواڻ هئي؟ ڇڙو هو شادي ڪيائين؟ گهر ڪونه هو، ڪرپشن يا بليڪ مارڪيٽنگ ڪري بنگلو ٺهرايائين؟ بند جيل ۾ هو، کليل جيل لاءِ نڪتو؟ زال جو مڙس مري ويو، يا مڙس جي زال مري وئي؟ ڳوٺ ۾ ويٺل هو، وڏيرن مان تنگ ٿي شهر لڏي ويو؟ ڀڄي ويو، يا ڀڄائي آيو؟ شهرت ۽ بدنامي جا سنڌا ڇيڙا ڪٿي ۽ ڪهڙا آهن؟

هن جي شهرت ۾ ڪجهه ته ڪم آيو

اسان جو خوار ۽ خراب ٿيڻ…

اڪثر اهڙا ماڻهو آهن، جن وٽ زندگيءَ جي ڪا ڊائري ڪونهي. انهن وٽ جيون ۾ ڪو خاص ڪارنامو ۽ ڪو خاص حوالو نٿو هجي. سال جي پهرين ۽ آخري ڏينهن جو آڳو پيڇو هڪجهڙو ئي هجي ٿو. انهن وٽ تاريخ ۾ امر ٿيڻ جو هڪ ئي حوالو بُک يا بغاوت هجي ٿو، هي شاعر به ڪجهه ايئن ئي محسوس ڪري ٿو:

۽ تنهنجا هٿ گنهگار گريبان ڏي وڌيا

تنهنجي آواز تي ٽڙڪيون قلعي جون ديوارون

۽ زرهه پوش درندا بنهه مڇرجي پيا

ذلالتن تي لهي آيون ڪيئي سرڪارون…

سرمايه دارن ۽ جاگيردارن جي اڏيل معاشري مان ڪيترائي شهرت ۽ سڃاڻپ کانسواءِ بي موت مري وڃن ٿا. غريب جي لاش کي ڪو ڪلهو ڏيڻ لاءِ تيار ڪونهي، بااثر جي بيگر ۽ سڏ تي جهجهي خلق اچي گڏ ٿئي ٿي. سرمايه داري واقعي اگھاڙن مفادن کانسواءِ ڪو رشتو ٺهڻ ڏئي ٿي؟ ڳڀي جي ڳولا ۾ رت جا رشتا وڇڙيو وڃن. ماني جي ڪجي يا ماءُ جي ڪجي. پيٽ جي مامري ۾ هڏ ڏوکي مٽ مائٽ سان گڏ ٿجي يا الڳ؟

بي چيا سڀ پٽ تنهنجا

بي وسيءَ جي بند جون باندي ڌيئون

ڪنهن ڀلا ڀيرو ڀڳو؟

جي ڇڏي ويا تن جو ڪو کنياتو پُڳو؟

ننڊ ۾ تنهنجي هلڻ جو حال ڇاهي؟

هاڻ ويسر ۾ نه پيو وٺبو وڃين؟

ڏينهن چئو ڪهڙو آ اڄ ۽ سال ڇاهي؟

هن دور جي نظام ۾ هڪ جي محنت تي ٻيو پلجي ٿو. اها ڪا فضيلت واري دنيا چئبي؟ هاري ۽ پورهيت جون پيڙهيون پيڙجي ويون، پر نظامِ زر جي هن استحصال پسند چرخي ۾ اهو هاري مجيري ۽ سرمايه دار مزدور جو ساڳيو رشتو برقرار آهي. مزدور ماڻهو کنگهي کنگهي مريو وڃن، پر ٻي جي ڪمائي تي عياشي کي قسمت ۽ قدرت سان غير عقلي انداز سان جسٽيفاءِ ڪيو وڃي ٿو:

ڪيترا غدار وعدا

دلربا ڪيئي دغائون تو ڏٺيون

بک تنهنجي ڪيترن کي ڍئو ڪرايا

ڏک تنهنجو ڏيک ۾ ايڏو وڻيو…

وھم ۽ ويڳاڻپ جي ميلاپ سان جنميل عقل مخالف سماج ۾ آيل نئون سال ھر سال جھڙو ئي ھجي ٿو. رڳو ھيپي نيو ايئر چوڻ، نيڪ تمنائن ۾ ياد ڪرائڻ ۽ پرارٿنا ڪرڻ سان ڪيترو سڌارو اچي ٿو؟ ھن سال به اھو سڀ ڪجھ ڪرڻ جي باوجود نواڻ ڪهڙي هوندي؟ نئين سال ۾ به ظالم، منافع خور ۽ نه لٽيرو هوندو؟ پاڻ ڪنهن جي پاسي ھونداسين. زيادتين تي پنھنجو ري ايڪشن ڇا ھوندو؟ ڪنھن معصوم جي قتل تي پاڻ ائين احتجاج ڪنداسين جيئن پنھنجي نوڪري بچائڻ ۽ پگهار وڌائڻ لاءِ ڪريون ٿا؟ ھيپي نيو ايئر چوڻ کانپوءِ ڪٿي به جسم فروشي ۽ پنڻ جي ڪرت نه هوندي؟ روڊن تي بي موت انسان نه مرندا؟ ڏنڊي جي زور تي قبائلي ذھنيت حاوي نه ھوندي؟ رڳو خواھشون رکڻ سان ماڻهو غلط فھمي ۾ ئي رھندا آھن. تمنائون ڪرڻ ۽ ساڳي وقت بدعنوان، منافق ۽ منافع خور ڪلچر جو حصو ھئڻ سان سماج تبديل نه ٿيندا آھن!

اها ڪٿا نئين نه آ

ڪو ڪفر جو ڪتاب ڏس

۽ هير جي سرير تي

سدائين زخم پيا لڳن…

هر سال اين جي اوز ۽ ملٽي نيشنل ڪمپنيون وڌي رهيون آهن. خودڪشيون ڪندڙ به وڌي رهيا آهن. وزيرن جا مشير ۽ درٻاري وڌي رهيا آهن ته مرندڙ ٻارن جو انگ به وڌي رهيو آهي. پرارٿنا ڪندڙ (دعا گهرندڙ) وڌي رهيا آهن، ته بي حس به وڌي رهيا آهن:

ڪٽڻ نه جهڙو وقت پاڻ گذاريون ويٺا

۽ ٻڌون ٿا زندگي به عنايت آهي

هر نئون ڏينهن رکي ٿو وڃي نئين تهمت

هر نئين سال کي دل سان شڪايت آهي… مڊل ڪلاسي ماڻهو پنهنجي پاڇن ۾ لڪي ويا آهن.

گُهگهه اونڌهه ۽ خاموشي آهي. زبان تي منافقت جا تالا لڳل آهن. اڪثر ماڻهو وهندڙ درياءَ ۾ هٿ ڌوئڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. ڪير پڪار جو پڙاڏو بڻجي ٿو؟ ڪير گونجار ڪري ٿو، ڪير خاموشين ۾ ساهه وجهي ٿو؟

ديس جنهن ۾ ڪفر جو آهي ڏڪار،

بي صدا هرڪا صدا گونگي پُڪار

بي وسي سسئيءَ جيان رويو پوي

چهرو چهرو بي حسيءَ جو اشتهار

هر سال هڪ طبقو امير کان امير تر ۽ ٻيو طبقو غريب کان غريب تر ٿيندو پيو وڃي. چند ماڻهو ادارن ۽ وسيلن تي قابض آهن، پورهيت ڪلاس پنهنجي سگهه وڪڻي جيئي ٿو، يا بک ۽ بيماري جي زد ۾ اچي فوت ٿي وڃي ٿو. پورهيت عوام مخالف رجحان مضبوط ٿي رهيا آهن. سوشل ڊارون ازم جي نظريي تحت معاشي طور فِٽ ۽ سگهارا ماڻهو ئي پنهنجو وجود برقرار رکن ٿا. باقي هن مخلوق لاءِ ماني ڪونهي، بک آهي. عزت ڪونهي، ڌڪار آهي؟

هاريءَ جي جهوپڙيءَ ۾ ديرو اهو بکن جو

ڳاڙهي جهنڊي جو سايو، بس منهنجي ياد تي آهي…

نئين سال ۾ پوليس چوڪي تي ڪنهن پورهيت کي روڪي ذليل نه ڪيو ويندو؟ ڪا ڳرڀ وتي غربت جي ڪري اسپتال پهچڻ کان اڳ ٻار سميت فوت نه ٿيندي؟

ٻٻر جي وڻ هيٺيان ٻارڙي کي لولي ڏئي ننڊ ارپڻ ڪندڙ ماءُ کي وڏيرو ڪچيون گاريون نه ڏيندو؟ مزدور لاءِ وقت مقرر هوندو ۽ هن کي اجرت به پوري ملندي؟ نوجوان ڪجهه نئون پڙهندا؟ استحصال پسند نظام کي سگهه بخشيندڙ خيال ذهنن ۾ نه اوتيا ويندا:

دل جي ڳالھ ظالم سان هر دفعي ڪئي سين پر،

ايترو ئي الجهياسين جيترو کُليا آهيون…

هن دنيا جو انسان ذات، قوم، ٻولي ۽ وشواس ۾ ورهايل آهي. تنگ نظري ڪو رومانوي رشتو جُڙڻ نٿي ڏئي. احترام، انسانيت ۽ همدردي جا بنياد به ڌرم ۽ نسل تي منحصر آهن؟ ذهانت ۽ پورهيي بجاءِ عهدو ۽ تخم ماڻهو جو مان مرتبو طئه ڪن ٿا؟ محبت جهڙن مامرن ۾ به اهڙي ئي مروج سوچ ۽ سڃاڻپ اَگهجي ٿي:

سوچي چنڊ ستارن تي

وقت گذاريون سارن تي

لکجي پئي تاريخ نئين

شهرن جي ديوارن تي

هن ڪاراڻ تي سوچيون يا

وينگس تنهنجي وارن تي…

هيراقليطس نالي هڪ فلسفي چيو ته: ‘هر روز نئون سج اُڀري ٿو، توهان هڪ ئي نديءَ ۾ وري پير نٿا رکو.’ جدليات جي سائنس روحانيت کان آجي آهي. تضادن جي ڇڪتاڻ سان تبدلي اچي ٿي. ان ئي فڪر سان سماج بدلائي سگهجي ٿو:

ديس سمورو دونهاٽيل آ

ڌرتي ساري ڌنڌ لڪائي

ڪيڏو آهي ڪوهيڙو

سورج نيٺ پکيڙي سُرخي

ايئن اڀرندو اوڀر کان جيئن

ڳاڙهي ڳل تي موهيڙو

جنوري 8, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو