ڪراچي : سهراب ڳوٺ ۾ پاڻي جي کوٽ، علائقي واسي پريشان
ڪراچي (رپورٽ: ثناء ﷲ هڪڙو ) ڪراچي ضلعي اوڀر جي تڪ پي ايس 97 سهراب ڳوٺ ٽائون ۾ پاڻي جي کوٽ شدت اختيار ڪري وئي آهي، انتظاميا جي نااهلي سبب علائقي جي رهواسين کي پاڻي جي فراهمي ستين ڏينهن به معطل آهي. ڪراچي جا رهواسي پيئڻ جي صاف پاڻي لاءِ ترسي رهيا آهن،
افسوس جي ڳالهه اها آهي ته انتظاميه خاموش تماشائي بڻيل آهي.ان حوالي سان علائقي جي رهواسين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پي ايس 97 سهراب ڳوٺ ٽائون ۾ انتظاميه جي نااهلي نالائقي سبب ستين ڏينهن به پاڻي جهڙي بنيادي سهولت کان اسان کي محروم رکيو ويو آهي. علائقي جو عوام سراپا احتجاج بڻيل آهي،
پي ايس 97 ايوب ڳوٺ ۾ پاڻي جي کوٽ شدت اختيار ڪري وئي آهي پر انتظاميه کي عوام جي ڪابه پرواهه نه آهي.هنن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن پاڻي جي فراهمي جلد بحال نه ڪئي وئي ته روڊن تي نڪرنداسين.
ٻئي طرف رابطو ڪرڻ تي سهراب ڳوٺ ٽائون جي چيئرمين لالا عبدالرحيم حيرت انگيز موقف اختيار ڪندي چيو ته کين ڪا به ڄاڻ ناهي ته پاڻي جي فراهمي ڇو بند ڪئي وئي آهي،جڏهن ڪو ماڻهو اسان کي تحريري درخواست ڏيندو ته پوءِ آئون واٽر بورڊ اختيارين سان رابطو ڪندس.
جنوري 8, 2024