پشاور ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 4 کدڙا فقير زخمي

Spread the love

پشاور (ويب ڊيسڪ) پشاور ۾ اڻڄاتل ماڻهن جي فائرنگ ۾ 4 کدڙا فقير زخمي ٿي پيا.
پوليس موجب واقعو فقير آباد ٿاڻي جي علائقي ۾ پيش آيو، جنهن جي نتيجي ۾ 4 کدڙا فقير زخمي ٿي پيا، جن کي فوري طور طبي امداد لاءِ اسپتال نيو ويو ۽ انهن جي حالت خطري کان ٻاهر آهي.
پوليس ٻڌايو ته فائرنگ کانپوءِ جوابدار فرار ٿي ويا، جن جي گرفتاري جون ڪوششون جاري آهن.

جنوري 8, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو