وڳڻ ۽ ڀرپاسي  روز مرھ جون شيون مھانگيون، غريب طبقو پريشان

Spread the love

وڳڻ( رپورٽ: مير عاجز) وڳڻ ۽ ڀرپاسي ۾ مهانگائي ماڻھن کان جيئڻ جو حق به کسي ورتو روز مرھ جون شيون مھانگيون غريب طبقو سخت پريشان ،

حڪمرانن پاران مهانگائي تي ضابطو نہ آڻي سگهيا حڪومت طرفان روزانا ٿيندڙ مهانگائي ماڻھن جون متيون منجهائي ڇڏيون تيل ـ گيھ ـ اٽو ـ کنڊ۔   گيس جي قيمتن ۾ ڳاٽي ٽوڙ واڌاري سبب پورهيت هاري طبقي سميت هر طبقي جو ماڻھون سخت پريشان بڻيل ،

 حڪومت کي عوام سان  ڪا همدردي ناهي اگھ وڌڻ ڪري عوام کائڻ پيئڻ جي سامان خريد ڪرڻ کان  لاچار بڻجي ويو دڪاندارن واپارين ھٿرادو ريٽ مقرر ڪري ڇڏيا ضرورت وارو سامان  کنڊ  130، گيھ 430 مان 500 رپيا ٿي ويو

 چانور 200 کان 400 رپن تائين وڪرو ٿيڻ لڳو ، ڪڻڪ جو اٽو في ڪلو 160 رپيا ٿي ويو ،گوشت مڇي مرغي جا اگھ 400 کان 600 تائين جي واڌ اچي وئي ٽماٽا 150 مان 200 ، پٽاٽا 80 مان 100 رپيا ٿي ويو گيئس 280 مان وڌي 320 ٿي ويو

 جڏهن ته سبزي ۾ گوبي ـ پلي ـ ساڳ ـ لوڻڪ ـ بصر ـ ساوا مرچ ـ وانڱڻ ـ گوگڙو ۽ ٽرانسپورٽ جي ڪرائي ڀاڙي سميت هر شيءٔ جا اگھ ڏهوڻ تي وڌي ويا ان سلسلي ۾ شھر جي سياسي سماجي اڳواڻن  صحافين سان ڳالهائيندي چيو تہ مھانگائي سبب عوام جو جيئڻ جنجال بڻجي ويو آهي غريب مشڪل سان زندگي گزاري رھيو آهي

 گلاب خان وڳڻ مهانگائي وڌڻ باجود به  مزدورن جي ڏهاڙي ۾ اضافو ناهي ٿيو شرف الدين پنھور ـ ديدار مغيري مهانگائي عوام جي چيلھ چٻي ڪري ڇڏي آھي عام ماڻھون بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهي يونس وڳڻ ـ انيس خاصخيلي هنن حڪمرانن مان جند نه  ڇڏائيسين ته  عوام پيڙھجي ويندو

 هي عوام آزار ۾ آهي منور پنهور ـ امتياز خاصخيلي ـ آزاد چانڊيو ۽ ٻين جون وڌندڙ مھانگائي  خلاف دانهون ايندڙ اليڪشن ۾ پراڻن نمائندن بدران نون کي آزمائڻ جو موقعو ڏنو ويندو.

جنوري 8, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو