ملير: ميمڻ ڳوٺ ۾ پي پي ايڇ آءِ آفيسر نئين ميٽرنٽي ھوم جي عمارت جو دوروڪيو
ملير ( ڊر ) ملير ميمڻ ڳوٺ جي سنڌ گورنمينٽ اسپتال جي انتظاميا ۽ علائقي واسين تي جوڙيل ڪميٽي پي پي ايڇ آئي ڪراچي ريجنل آفيسر عبدالرحيم جوڻيجو ايم ايس صلح محمد ڏيپر ايڊيشنل ڊي او ملير وجي جيسراڻي ۽ صحت کاتي جي آفيسرن سان گڏ ميمڻ ڳوٺ ۾ نئين ٺهندڙ گورنمينٽ اسپتال جي ميٽرنٽي ھوم جي عمارت جو دورو ڪيو ان موقعي تي پي پي ايڇ آئي ڊسٽرڪٽ ملير ڪو آرڊينيٽر ميڊم شازيه بريفنگ ڏني
ان موقعي تي پي پي ايڇ آئي ريجنل ڊائريڪٽر ڪراچي عبدالرحيم جوڻيجو صحافين سان ڳالهائندي چيو ته ميمڻ ڳوٺ ملير جو مرڪزي علائقو آهي جتي وڏي تعداد ۾ پورهيت ماڻهو رهن ٿا
انهن جي لاءِ ميٽرنٽي ھوم ڪارائتو ثابت ٿيندو تمام جلد هن عمارت ۾ ڊليوري جون سموريون سهولتون ڏنيون وينديون ميڊيسن، آپريشن ليبارٽري ٽيسٽ ۽ بلڊ بينڪ جو بندوبست ڪيو پيو وڃي ته جئين غريب ماڻهو پنهنجو پنهنجو علاج ڪرائي سگهن
ان موقعي تي علائقي ڪميٽي جي ميمبر وڏيرو منظور ميمڻ، خالد جمح، سليم جي ميمڻ ،قادر درس ،انور ڄاموٽ ۽ شاهنواز ٻاپڙو سميت ٻيا ميمبر پڻ شريڪ هئا.
جنوري 8, 2024