سکر: جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاج ڪيو ويو، سخت نعري بازي

Spread the love

سکر (رپورٽ.امداد علي گل ڪلوڙ)شهيد جان محمد مهر جي قاتلن کي گرفتار نه ڪرڻ خلاف سکر يونين آف جرنلسٽ پاران جدوجهد جاري آهي

 سکر پريس ڪلب  آڏو پريس ڪلب جي صدر آصف ظهير لوڌهي جي اڳواڻي ۾ 147 ڏينهن به احتجاجي علائقي بک هڙتال جو سلسلو جاري رکيو ويو ۽ شهيد جان محمد مهر جي قاتلن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ سخت نعري بازي ڪئي وئي احتجاج ۾ شامل صحافين شهزاد تاباڻي،  جاويد جتوئي، سليم سهتو، عمر سومرو، سحرش کوکر،شوڪت راهي،

جلال الدين ڀيو، فاروق سومرو، جواد شاھ، جاويد گهنڃو ، يار محمد سومرو، فقير مشتاق منڱريو، قاضي ضياء الرحمان، ناصر جعفري،فضل الرحمان قريشي ،آصف مهر، صلاح الدين سميجو، بابر کوکر،نعيم غوري، سجاد سنجراڻي، جي ايم شيخ، اورنگزيب ماڪو، انس ملڪ،عقيل قريشي، عامر شيخ، اصغر علي عباسي، شاھ ولي، اسلم دايو،  ۽ ٻيا شامل هئا

ان موقعي تي آصف ظهير لوڌهي ۽ ٻين  چيو ته افسوس جو مقام آهي ته سنڌ حڪومت پنهنجي واعدن کي وفا نه ڪيو آهي جان محمد شهيد جا قاتل اڃان تائين آزاد آهن جنهن لاءِ صحافي ان وقت تائين خاموش نه ويهندا جيستائين قاتلن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ نه ٿو آندو وڃي

 احتجاجي سلسلي کي وڌائيندي پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽ  جي سنڌ ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي 13 جنوري تي سکر پريس ڪلب ۾ ٿيندڙ سنڌ جرنلسٽ ڪنوينشن  جون تياريون جاري آهن

 جنهن ۾ تحريڪ کي وڌائڻ لاءِ اهم اعلان ڪيو ويندو ڪنوينشن ۾ شرڪت لاءِ سڄي سنڌ مان صحافين کي دعوتون ڏجن ٿيون جيستائين قاتل قانون جي ڪٽهڙي ۾ نه ٿا آندا وڃن احتجاجي تحريڪ ختم نه ڪنداسين.

جنوري 7, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو