دادو چانڊيا برادري جي ٻن ڌرين ۾ ويزا جا پيسا گھرڻ تان جھيڙو، 3 ڄڻا زخمي
دادو(رپورٽ:سرور جلال سولنگي )غريب آباد محلي وڏي مسجد لڳ چانڊيا برادري جي ٻن ڌرين سئوٽن ۾ ويزا جا پيسا گھرڻ تان جھيڙو ٿي پيو
ڏنڊن جي آزاداڻي استعمال سبب 3 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا جن کي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال منتقل ڪيو ويو زخمين ۾ امير، منير، ۽ يامين چانڊيو شامل آهن پوليس واقعي جي اين سي داخل ڪري ورتي،
زخمين دانھيو ته سينگار،ياسين، پيار علي، نظير چانڊيو ڏانهن ويزا جا 7 لک رپيا رھيل ھئا رقم گھرڻ تي جوابدارن ڏنڊا ھڻي ٽنگون ٻانهون ڀڃي ڇڏيون آهن زخمين ايس ايس پي دادو کان مطالبو ڪيو ته واقعي جي ايف آئي آر داخل ڪري جوابدار گرفتار ڪيا وڃن.
جنوري 7, 2024