ٺٽو: 22 سالن جو نوجوان لاهور ويندڙ پاڪستان ايڪسپريس جي زد ۾ اچي فوت

Spread the love

ٺٽو(نظير احمد قريشي) جهمپير ويجھو لطيف چانگ ريلوي اسٽيشن وٽ ڳوٺ الهبچايو چانگ جو رهواسي 22 سالا نوجوان معشوق علي ولد سانوڻ چانگ ريلوي لائين جي پٽڙي تي ويهي

 ڪن ۾ ھيڊ فون لڳائي فون ۾ گانا ٻڌڻ دوران بيخبري ۾ ڪراچي کان لاهور ويندڙ پاڪستان ايڪسپريس جي زد ۾ اچي ڪٽجي فوت ٿي ويو،

 اهڙو اطلاع جهمپير ريلوي پوليس چوڪي تي ڏنو ويو، جنهن واقعي واري هنڌ پهچي لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي  ڪوٽڙي کڻائي ويا، 

جتان ضروري ڪاغذي ڪاروائي مڪمل ڪرڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، نوجوان جو لاش گهر پهچڻ تي قهرام مچي ويو.  

جنوري 7, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو