ملير: سومار واسين پاران زمين جي والاڙ خلاف احتجاجي مظاھرو
ملير ( ڊر ) ملير سومار ڳوٺ جي رھواسين جو زمين جي والاڙ خلاف عوامي پريس ڪلب ملير اڳيان احتجاجي مظاھرو , ميمڻ ڳوٺ جي مک روڊ کان پريس ڪلب تائين پيادل مارچ , قبضا گيرن خلاف اڀ ڏاريندڙ نعرا سال اڳ پلاٽ خريد ڪيا آھن بااثر پلاٽن تي قبضو ڪري ڌمڪائي رھيا آھن
منظورمغيري ، اصغر مغيري نظير احمد رند منيراحمد مگسي فصيل تفصيل موجب عبدالله ڳوٺ جي رهواسين منظورمغيري ، نعمت مغيري اصغر مغيري ممتاز مغيري نظير احمد رند منيراحمد مگسي جي اڳواڻي ۾ عوامي پريس ڪلب ملير اڳيان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي احتجاج ڪندڙن جي هٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ بينر هئا
۽ قضاگيرن خلاف نعريبازي ڪري رهيا هئا احتجاج ڪندڙن ميمڻ ڳوٺ حبيب بينڪ مک چوڪ کان ميمڻ ڳوٺ اسٽاپ تائين ريلي ڪڍي ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن صحافين سان ڳالهيندي چيو ته اسان ٽي سال اڳ سومار ڳوٺ ۾ پلاٽ خريد ڪيا هئا
جڏهن سومار ڳوٺ جيئل شاھ ڀرسان بااثرن قبضو ڪيو آھي ۽ڌماڪي رهيا آھن هنن آئي جي سنڌ پوليس چيف ڪراچي ڊي آئي جي ايسٽ ۽ ايس ايس پي ملير کان قبضاگيرن خلاف سخت ڪاروائي ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آھي.
جنوري 7, 2024