ٽنڊوڄام ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ بدامني خلاف سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران احتجاجي مظاهرو
ٽنڊوڄام (رپورٽ واجد علي چانڊيو ) ٽنڊوڄام ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ وڌندڙ بدامني خلاف سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران ضلعي صدر جان محمد جوڻيجو جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب ٽنڊوڄام آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو،
تفصيل موجب سنڌ ترقي پسند پارٽي ضلعي صدر جان محمد جوڻيجو، ممتاز علي سراز، منٺار خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب ٽنڊوڄام آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو،
جنهن ۾ پارٽي ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي جان محمد جوڻيجو، ممتاز علي سراز ، منٺار خاصخيلي، ايوب ڍماڇ. اياز گاهاهي ۽ ٻين خطاب ڪيو. چيو ته ٽنڊوڄام ۽ ڀرپاسي ۾ بدامني وڌي وئي آهي،
ڪنهن به معزز شهري جي جان ۽ مال محفوظ ناهي، چوريون معمول بڻيل آهن، جڏهن ته پوليس امن امان برقرار رکڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي ۽ ڏوهارين خلاف ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، رڳو ڀتا وصول ڪرڻ ۾ لڳل آهي.
هن پوليس جي اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته منشيات فروشن کان رشوت وصول ڪري رهي آهي جڏهن ته شريف ماڻهو روڊن تي اچڻ تي مجبور ٿي ويا آهن ، هن مطالبو ڪيو ته ٽنڊوڄام ۽ ڀرپاسي ۾ امن امان برقرار رکڻ لاءِ ايماندار پوليس اهلڪار مقرر ڪيا وڃن.
جنوري 5, 2024