صحت مند زندگي حاصل ڪرڻ لاءِ راندين جي تمام گهڻي اهميت آهي: طارق عزيز بلوچ

Spread the love

ملير(ڊر ) ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن گڏاپ جي چيئرمين طارق عزيز بلوچ چيو ته صحت مند زندگي حاصل ڪرڻ لاءِ راندين جي تمام گهڻي اهميت آهي، گڊاپ ٽائون پنهنجي حدن ۾ مختلف اسپورٽس ايونٽس کي اسپانسر ڪري رهيو آهي

جنهن ۾ وڌيڪ اضافو اسان جي ترجيحن جو حصو آهي، گڏاپ ٽائون هميشه پنهنجا علائقائي مسئلا حل ڪيا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن گڏاپ ٽائون آفيس ۾ مختلف اسپورٽس ڪرڪيٽ ٽيمن ۾ مڪمل ڪرڪيٽ کٽ ورهائڻ دوران ڪيو،

ان موقعي تي ميونسپل ڪمشنر احمد يار، فنانس آفيسر افتخار احمد دايو، ڊائريڪٽر ايڇ آر ايم حاجي شريف شيخ، انچارج اينٽي انڪروچمينٽ. سيل سهيل يار خان، ڊائريڪٽر انفارميشن رضوان صابر، پارلياماني ليڊر مير عباس ٽالپر، ميمبر محمد رفيق جوکيو، ميمبر دانش برفت، ميمبر امان الدين جوکيو، ميمبر علي محمد گبول، ميمبر عبدالستار جوکيو، ميمبر سني مسيح، ڊپٽي ڊائريڪٽر اسپورٽس اينڊ ڪلچر. اصغر بلوچ، ڊپٽي ڊائريڪٽر ٽيڪس طاهر بلوچ، پي ايس چيئرمين لعل جان نبي ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.

جنوري 5, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو