دادو: پيپلزپارٽي اڳواڻن پاران شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 96 سالگرھ  تقريب منقعد  ڪئي وئي

Spread the love

دادو(رپورٽ:سرور جلال سولنگي ) ايشيا جي عظيم  ليڊر عوام خاطر شهادت ماڻيندڙ ، پاڪستان کي ايٽمي طاقت بنائيندڙ شهيد قائد عوام وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽو جي 96 سالگراھ جي موقعي تي پاڪستان پيپلزپارٽي اڳواڻ سابقه ايم پي اي دادو بئريسٽر پيرمجيب الحق  ۽ پير دانش علي چيئرمين ميونسپل ڪاميٽي دادو جي قيادت ۾ پير هائوس دادو تي  پيپلزپارٽي اڳواڻن.

جيالان ورڪرن ۽ سپورٽرن پاران سالگرھ  تقريب منقعد  ڪئي وئي ان موقعي ڪيڪ ڪاٽيو تقريب ۾ آيلن کي جيئي ڀٽو جي نعرن سان کارايو ويو ان موقعي تي شھيد ذوالفقار علي ڀثو ۽ ڀٽو خاندان پاران ڏنل قربانين تي روشني وڌي وئي ۽ شھيد کي ڀيٽا پيش ڪندي شھيدن جي روح کي ثواب دارين پھچائڻ لاءِ فاتح خواني ڪري دعائون گھري وئي

 ان موقعي تي ايم عمر پنھور، امداد حسين ڏاوڇ، وڪيل شفيع محمد ميمڻ، احمد نواز سولنگي،وڪيل  انور علي ساهر، وڪيل حبيب لغاري، ڪامريڊ نظير احمد قمبراڻي  گل مهراڻ ڏاوڇ، سردار رجب علي شاهاڻي، صفدر علي پنهور عبدالڪريم لغاري، ڪريم زئوئر،حاجي ڪارو عرف لياقت سومرو، ڳاڙهو سولنگي،وڪيل ڪوڙا خان ميمڻ، رئيس عمران علي پنهور ۽ ٻين شرڪت ڪئي سالگره جي تقريب اڳ پارٽي ورڪرن جي ميٽنگ ٿي جنهن ۾ دادو سٽي ۽ دادو تعلقه جو اليڪشن شيڊول ڏيڻ لاءِ باظابط  تاريخ مقرر ڪئي وئي،

 7 جنوري آچر ڏينهن شام جو 4 وڳي دادو سٽي ۽ سومر ڏينهن 12 وڳي مجهند جو دادو تعلقه جي ميٽينگ رکي وئي آهي ميٽينگ ۾ دادو سٽي جي سڀني ڪائونسلرن ورڪرن دادو تعلقه جي يوسي چيئرمينن وائيس چيئرمينن، ضلع ڪائونسلرن جي ميمبرن کي شرڪت لاءِ پابند ڪيو ويو آهي.

جنوري 5, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو