نيپرا بجلي وڌيڪ مهانگي ڪري ڇڏي

Spread the love

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) نيپرا في يونٽ بجلي وڌيڪ مهانگي ڪري ڇڏي.
نيپرا بجلي في يونٽ چار رُپيا 12 پئسا مهانگي ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، بجلي اگهن ۾ واڌ نومبر جي ماهوار فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ ڪئي وئي آهي.
نيپرا موجب، بجلي واهپيدارن کي جنوري جي بلن ۾ واڌو ادائيگيون ڪرڻيون پونديون.
نوٽيفڪيشن موجب، بجلي اگهن ۾ واڌ لائيف لائين ۽ ڪي اليڪٽرڪ واهپيدارن تي لاڳو نه هوندي.
واضح رهي گذريل ڏينهن نيپرا ڪراچي لاءِ بجلي 2 رُپيا 87 پئسا في يونٽ مهانگي ڪئي هئي.

جنوري 4, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو