سکر: ڪمشنر آفيس ۾ ڪاليج ايڊيوڪيشن جي اعلیٰ عملدارن سان گڏجاڻي منعقد ڪئي وئي
سکر(رپورٽ:امداد علي گل ڪلوڙ)ڪمشنر سکر ڊويزن فياض حسين عباسي ڪاليج ايڊيوڪيشن طرفان ڏنل تفصيلن تي اطمنان جو اظھار ڪيو. جلد ئي سکر ڊويزن جي مختلف ڪاليجن جو دورو ڪبو.
ڪمشنر سکر ڊويزن فياض حسين عباسي ڪمشنر آفيس سکر ۾ ڪاليج ايڊيوڪيشن سکر جي اعلیٰ عملدارن سان گڏجاڻي ڪئي، گڏجاڻي َٔ ۾ ايڊيشنل ڊائريڪٽر (ايڇ آر) احمر صديقي تفصيل سان آگاھي ڏني،
آگاھي دوران ڊائريڪٽر (ايڇ آر) ٻڌايو تہ ڊائريڪٽوريٽ آف ڪاليجز سکر جي ماتحت ڪُل پنجيتاليھ ڪاليجون آھن جن ۾ پندرنھن(15) بوائز چوڏانھن (14) گرلز جڏنھن تہ سورنھن (16) ڪو ايڊيوڪيشن ڪاليجون شامل آھن.
ھن وڌيڪ تفصيل ڏيندي ڪمشنر سکر کي ٻڌايو تہ سنڌ سرڪار طرفان ملندڙ سالانہ بجيٽ مان ٪85 سيڪڙو بجيٽ پگھارن جي مَد ۾ خرچ ٿئي ٿي باقي ٪15 سيڪڙو بجيٽ مختلف مَد ۾ خرچ پئي ٿئي،
جڏنھن تہ سنڌ ھائي ڪورٽ جي حڪم موجب ھر ڪاليج ۾ ڊجيٽل لائبريريون قائم ڪري رھيا آھيون جيڪي ھر ڊسٽرڪٽ جي ٻن ڪاليجن ۾ ھونديون جڏنھن تہ پنج لائبريريون ڊسمبر 2023 جي آخر تائين قائم ٿي چُڪيون آھن
۽ ٽن لائبريرين جو مجوزہ تيار آھي جيڪي ريجن جي ٻين ڪاليجن ۾ قائم ڪيون وينديون جڏنھن تہ ڪمپيوٽر ليب تقريبََ ريجن جي سڀنن ڪاليجن ۾ استعمال جوڳيون آھن گڏوگڏ ڪاليجن جو رڪارڊ پڻ آن لائن ٿي رھيو آھي جنھن ۾ تقريبََ چاليھ ڪاليجن جو رڪارڊ آن لائن ٿي چڪو آھي ۽ باقي ڪجھ ڪاليجون اھڙيون آھن
جن ۾ اھا سھولت موجود نہ آھي، ھاڻي آنلائن ذريعي بائيو ميٽرڪ حاضري جو رڪارڊ باآساني چيڪ ڪري سگھجي ٿو ۽ مستقبل ۾ اِي فائلنگ سسٽم، اِي ٽرانسفر سسٽم، اِي ايپليڪيشن سسٽم متعارف ڪرائي رھيا آھيون.
ھن وڌيڪ ٻڌايو تہ ڪاليجن ۾ مختلف مسائل پڻ درپيش آھن جن ۾ ڪجھ ڪاليجن جي بلڊنگن ۾ قبضي سان گڏوگڏ ٽيچنگ ۽ نان ٽيچنگ اسٽاف جي گھٽتائي کي منھن ڏئي رھيا آھيون،
جڏنھن تہ سکر ڊويزن جي مختلف علائقن ۾ گرلز ڪاليجن جي پڻ ضرورت آھي جن ۾ تعلقہ نارا، نيو سکر، ۽ ميرپور ماٿيلو شامل آھن. جنھن بعد ڪمشنر سکر ڊيويزن فياض حسين عباسي، ريجنل ڊائريڪٽوريٽ ڪاليج ايڊيوڪيشن جي ڪارڪردگيءَ تي اطمنان جو اظھار ڪندي چيو تہ سنڌ سرڪار تعليم جي ترقيءَ لاءِ جاکوڙي رھي آھي،
ستادن جو تعليم جي ترقيءَ ۾ اھم ڪردار آھي، جلد ئي ڊائريڪٽر جنرل ايڊيوڪيشن سنڌ سان گڏجي ريجن جي مختلف ڪاليجن جو دورو ڪندس.
گڏجاڻيءَ ۾ ريجنل ڊائريڪٽر ڪاليج ايڊيوڪيشن سکر، ڊويزنل ڊائريڪٽر انفارميشن سکر، ۽ ٻين عملدارن شرڪت ڪئي.
جنوري 4, 2024