ڏوڪري:  سنڌ ۾ مهانگائي جا رڪارڊ ٽٽي ويا، روز مرھ جي استعمال ٿيندڙ شين جي اگهن ۾ واڌ برقرار

Spread the love

ڏوڪري (رپورٽر)  سڄي سنڌ سميت ڏوڪري ۾ مهانگائي جا رڪارڊ ٽٽي ويا، دعوائن  روز مرھ جي استعمال ۾ ايندڙ شئين جي اگهن ۾ گهٽتائي نه اچي سگهي.

 جڏهن ته ڪڻڪ جو سرڪاري اگهه 100 روپيا في ڪلو هجڻ جي باوجود اٽو 150 کان 160 روپين ۾ وڪرو ٿيڻ لڳو، اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ پرائس ڪنٽرول اٿارٽي اگھ ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي ويا، منافعي خورن پنهنجي مرضي جا اگهه مقرر ڪري ڇڏيا، مهانگائي  شهرين جو جئينڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي،

ان موقعي تي شهرين احسن جوڻيجو، ايڊووڪيٽ ڪاشف ابڙو، ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو جڏهن ته ڏوڪري ۾ خوراڪ کاتي سميت اعلي آفيسرن ڪو نوٽيس نه ورتو،

ضلعي انتظاميه توڙي تعلقي انتظاميه کڪ ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو  ڪڻڪ جو اٽو 150 کان 160 روپيا في ڪلو وڪرو ٿيڻ لڳو آهي، جڏهن ته  سرڪار جي اعلان تي اٽو 110 روپين ۾ ملڻ گهرجي. جڏهن ته اٽي جي قيمتن ۾ اضافي خلاف ڏوڪري جي شهرين احتجاج جو چتاءُ ڏنو آهي، سنڌ حڪومت عوام کي رليف ڏيڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي وئي آهي.

سنڌ ۾ سرڪاري ادارن جا نااهل آفيسر لکين رپيا پگهارون کڻڻ باوجود آفيسن تائين محدود آهن.ناجائز منافعي خورن توڙي زخيرو ڪندڙ عناصرن خلاف ڪنهن به قسم جي ڪارروائي نظر نٿي اچي،

اٽي چڪي مالڪن سرڪاري اگھن تي اٽو وڪرو ڪرڻ بدران من پسند اگھ تي وڪرو ڪري رهيا آهن. شهرين گهر ڪئي ته سنڌ سميت ڏوڪري ۾ منافعي خورن جي ساٿارين ۽ نااهل آفيسرن خلاف سخت ڪارروائي يقيني بڻائي مهانگائي تي ضابطو آندو وڃي، جيئن عوام  سک جو ساهه کڻي سگھي،

هوڏانهن گوشت مڇي سبزي فروٽ ڪريانو ۽ عام واهپي جي شئين جا اگھ آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيا آهن، مهانگائي جا ماريل شهرين جو ندانهون نڪري ويون آهن، شهرين موقف اختيار ڪيو آهي ته ڏوڪري ۾ دڪانن تي ڪڻڪ جو في ڪلو اٽو 150 کان 160 روپين تائين وڪرو ڪيو پيو وڃي،

حڪومت ۽ ضلعي انتظاميه تعلقي انتظاميه طرفان اٽي جي وڌندڙ قيمتن تي ضابطو نه آڻڻ سبب پورهيت طبقو ٻن ويلن جي ماني لاءِ پريشان آهي. هنن چيو ته چڪي ۽ دوڪاندارن طرفان ڪڻڪ جو هٿرادو بحران ڏيکاري قيمتون وڌائي غريب عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، جن خلاف ڪارروائي ڪرڻ لاءِ سنڌ حڪومت ۽ ضلعي انتظاميه تعلقي انتظاميه کي مهنگائي نظر نٿي اچي. هنن مطالبو ڪيو ته اٽي سميت مختلف شئين جي وڌندڙ قيمتن تي ضابطو آڻي فوري طور قيمتن کي گهٽائي عوام کي رليف ڏنو وڃي.

جنوري 3, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو