نوَ مئي سانحو: قاسم سوري سميت پي ٽي آءِ جي ٻين اڳواڻن جي طلبي جو اشتهار جاري

Spread the love

ڪوئيٽا ( ويب ڊيسڪ ) پي ٽي آءِ اڳواڻن جي نوَ مئي وارن واقعن جي ڪيسن ۾ طلبي جو اشتهار جاري ڪيو ويو آهي.

دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي اسپيشل جج پي ٽي آءِ اڳواڻن جي نوَ مئي واقعن وارن ڪيسن ۾ طلبي جو اشتهار جاري ڪيو ۽ کين 14 فيبروري تي طلب ڪيو ويو آهي.

پي ٽي آءِ جن اڳواڻن جي طلبي نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي انهن ۾ قاسم سوري، خادم وردگ، جمعا خان، صادق ترين، ڊاڪٽر  منير بلوچ ۽ نجيب ڪاڪڙ سميت 11 جوابدار شامل آهن.

جنوري 3, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو